ڀلا، هنن کي ڪيئن سمجهائجي؟

0
142
ڀلا، هنن کي ڪيئن سمجهائجي؟

 اسان جي هن معاشري ۾ جتي سچيون ڪهاڻيون پڙهڻ ۽ ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون، اتي ڪوڙيون ڪهاڻيون به هر جاءِ تي ٽڙيون پکڙيون پيون آهن. جيڪڏهن ايئن چئجي ته اسان هڪ اهڙي سماج ۾ رهون ٿا، جتي ‘ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ’ جي بجاءِ ‘ڪوڙ، هڙ بازيون کٽي ويٺو آهي’ ته به غلط نه ٿيندو. هونءَ به جيڪو سماج جڏهن غير سائنسي، غير منطقي ۽ غير عقلي صورت اختيار ڪري وٺي ته اتي هر ڪوڙو حوال سچ جي صورت ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. افواهن کي کي چار پير ٿي ويندا آهن، جيڪي گهوڙن کان به تيز ڊوڙڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اهڙي حالت ۾ سچ صرف ويچارو ٿي ويندو آهي. توهان سمجهائڻ جي باوجود به ماڻهن کي سمجهائي نه ٿا سگهو!

                 اولهه ۾ ته هاڻي انهن ڪوڙين ڳالهين کي هوڪس Hoax جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، پر پنهنجو معاشرو، جيڪو يورپ جي ترقيءَ کان صديون پوئتي آهي، اتي لوڪ کي ڪهڙي ريت سمجهائجي ته اهو سڀ ڪجهه ڪوڙ ۽ نسوري ڪوڙ کان سواءِ ڪجهه به نه آهي.

                 اسان جي سماج ۾ جتي طبي سهولتن جي حالت زار هيءَ هجي ته ماڻهن کي پيراسيٽامول به اصل نه ملي، اتي ڪيترن ئي مرضن جو علاج ديسي نسخن سان ڪيو وڃي ٿو، يقين نه ٿو اچيءَ ته شهرن جون ڀتيون، ڊمي اخبارن جا رنگين صفحا، ٿَڪل ٽيليويزنن جا اشتهار ملاحظه فرمايو، جتي، ايڊز کان ڪينسر ۽ ڪاري ڪامڻ کان شگر جي شرطيه علاج جي دعوا ڪئي وڃي ٿي ۽ هزارن جي انگ ۾ مسڪين ماڻهو ان چڪر ۾ اچي، پنهنجي حياتي تباهه ڪريو ويهن! “خالي پيٽ گجر جي رس ۾ هيڊ ۽ ٿوم ملائڻ سان چئن ڏينهن ۾ ڪينسر ختم!” يا “اٺ پکيءَ جو گوشت کائڻ سان اڌ مٿي جو سور ختم ٿي ويندو آهي!” ۽ اهڙا ٻيا هزارين نسخا، جيڪي انهن سڀني کي ياد آهن، جيڪي پاڻ سان سوين بيماريون کڻي گهمندا وتن ٿا!

هڪ پاسي بيمار سماج جي بيمار ماڻهن جي اڳيان دوکي دولاب جون ديوارون کڙيون ڪيو وڃن ٿيون ته ٻئي پاسي ٺوڳين جا ڪرتب به ڏسڻ وٽان آهن. پاڻ ته صبا ۽ نرما مان اچي ڦاٿا آهيون، جيڪي هر ٻئي ڏينهن تي اسپتال داخل آهن يا ٻئي ڪنهن ايمرجنسي ڪم ۾ ڦاٿل ملن ٿيون ۽ انهن جو علاج فقط 50 روپين جو موبائيل لوڊ آهي! صبا ۽ صائمه جا ڀائر وري موبائيل تي ‘جيتو پاڪستان’ جي اسڪيم هلائين پيا! جنهن ۾ هر ڀيري توهان جو ئي انعام نڪرندو آهي، نه ڄاڻ ڪيترائي ماڻهو انهن دوکن جي ڄارن ۾ ڦاسي پاڻ ڦُرائين ٿا! اهي پاڻ الڳ ڪهاڻيون آهن.

هڪ نظر سان ڏٺو وڃي ته پنهنجو سماج بجاءِ جو اڳتي اچڻ گهرجي ها، اهو پوئين گيئر ۾ هليو ويو آهي. جنهن ۾ پنجن ڪيلن جون کلون پورا ٻه هفتا مٿي تي هڻڻ سان گهاٽا وار به ڦٽن ٿا. ڀلا مڃجي به کڻي ته مٿي تي وار ڦٽي پوندا پر عقل کي ڪيئن ڦوٽهڙو ڪرائجي، اهو سوال جنهن جي جواب ۾ ئي شايد صديون درڪار هجن! سماج جي لاعلمي ۽ اتي تيزي سان سفر ڪندڙ افواهن جي هيءَ حالت آهي جو هر ٻئي ٽئين سال قيامت جي تاريخ مقرر ٿي ويندي آهي، جيئن هاڻي 07 مارچ 2025ع جو ڏهاڙو قيامت لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. ڳالهه فقط قيامت جي ناهي، سنڌ جي هر ٻئي وڏي شهر ڀرسان خلائي مخلوق اڏا قائم ڪري ورتا آهن، دنيا ۾ خلائي مخلوق کي سنڌ ۾ تمام گهڻو مزو اچي ويو آهي. حالت ايتري قدر بدتر ٿي وئي آهي، جو ڳوٺاڻا، خلائي مخلوق کي کير به کپائين پيا!! ان سان گڏ ڊسپرين جي گوري پئٽرل ۾ ملائڻ سان گاڏيءَ جي مائيليج 200 سيڪڙو وڌي ويندي آهي- اٽي ۾ پلاسٽڪ ملائي وڃي ٿي- هڪ معروف ڪمپني جي چپس پوري جو پوري پلاسٽڪ جي ٺهيل آهي. اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي پاڻ ته رڳو مٿي تي هٿ رکي سگهون ٿا… ۽ اهي ته سڀ امن جي حالت جون ڳالهيون آهن، پر ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن ڀاڄيءَ واري کان ٽماٽن جي کوٽ بابت معلوم ڪرڻ چاهيم ته ٻڌايائين ته جنگ جي ڪري پاڪستان انڊيا مان ٽماٽا نه پيو گهرائي، ڇاڪاڻ ته هندستان ٽماٽن ۾ ڪئميرا هڻي موڪلي رهيو هو، جيڪي جاسوسي جو ڪم ڪري رهيا هئا!

ڀاڄيءَ واري جي معلومات سان ڀريل ڳالهه ٻڌي مان پاڻ کي ڄٽ تصور ڪندي، اتان کسڪڻ جي ڪريان ٿو، پر کسڪڻ سان مسئلا حل ناهن ٿيندا، ڇاڪاڻ ته اڳيان مائٽ مختيار بيٺو آهي، جنهن ٻڌايو هو ته موبائيل کي کير سان ڌوئڻ سان ان جي ميمري وڌي ويندي آهي ۽ اهو پڻ ته مسلسل پينٽ شرٽ پائڻ سان ڪاري ڪامڻ ٿي ويندي آهي. اڄ هو ڪهڙو بم اڇلائي ٿو، ان کان جو مان نڪرڻ جي ڪريان ٿو ته چوڻ لڳو: توکي خبر آهي، يهودي رات جي وقت سنڌو درياهه جي پاڻيءَ مان بجلي چوري ڪري رهيا آهن! ۽ ها، پنهنجن ٻارڙن کي چاڪليٽ نه کارائيندو ڪر، ان سان جن حاوي ٿي ويندا آهن! هن ٽيون ٺڪاءُ هي ڏنو: جيڪڏهن منهن تي اڱرن جو ليپ هڻي رات جو سمهي پئجي ته چهرو کير جهڙو ٿي ويندو. مون کي اهو نسخو سٺو لڳو. سوچيان ٿو، منهن تي اڱر نه ته دانگي ملي سڄي شهر جو گشت ڪجي! هي صرف مائٽ مختيار جون ڳالهيون نه آهن، پر سماج ۾ هر ٻيو ماڻهو توهان کي ڊاڪٽر ۽ فلاسفر ملندو، جنهن وٽ سماج جي هر درد جو درمان آهي. اهي توهان کي ٻڌائين ٿا ته اونڌي سمهڻ سان دل جي اٽيڪ جو خطرو وڌي ويندو آهي ۽ ماڻهو جڏهن پائخاني ۾ وڃي ته بتيون بند ڪري ڇڏي، نه تي جن توهان کي تنگ ڪندا!

هي ته اهي حوال آهن، جيڪي معاشري ۾ توهان کي ٻڌڻ ۾ ايندا، پر جيڪڏهن توهان سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ آهيو ته ان تي اهڙين ڳالهين جي بازار گرم ملندي، جيڪڏهن توهان مخالفت ۾ تبصرو ڪريو ته ڪافر جي درجي تي پهچي سگهو ٿا، سو پاڻ ان کان اڳ جو ڪافر ٿيون، بنا ڪنهن شرط جي سڀني ڳالهين تي يقين ڪريون ٿا.