ورسيءَ جي مناسبت سان … ڀَڳت ڪنور رام: راڳ ۽ رواداريءَ جو مُجسم

0
145
ورسيءَ جي مناسبت سان ... ڀَڳت ڪنور رام: راڳ ۽ رواداريءَ جو مُجسم

راڳ رقص، سُرن ۽ سازن جو اھڙو ته سنگم آهي، جيڪو ٻڌندڙ جي ذھن ۽ دل کي موھي ھڪ لطف ڀري تازگي بخشي ٿو. راڳ رقص ۽ سازن جو آواز نه، پر راڳ رقص ۽ سازن کي ٻڌڻ ۽ روح کي سُرور حاصل ڪرڻ جو نالو آهي. راڳ رقص جو آواز ٻڌندڙ کي جھومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو آهي. راڳ رقص انساني ارتقا کان انسان ۾ سمايل آهي، جنھن کي روح جي غذا به چيو ويندو آهي. اُن راڳ رقص جي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائيندڙ املھه ماڻڪ موتي جھڙو ڪردار انساني برابري جي محبتن جا گُل ورھائيندڙ ڀڳت ڪنور رام سنڌي صوفي راڳين ۾ تمام وڏو نالو آهي. ‘ڀڳت’ سنڌي ٻوليءَ ۾ هِن وقت مروج ٿيل لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڀڄن (راڳ) ڳائيندڙ. قديم سنڌو ماٿري جي تهذيب ۾ حضرت عيسيٰ جي پيدائش کان 600 سال اڳ ڀاڳوت ذات جا ماڻهو، جيڪي ڀڄن ڳائيندا هئا، اُهو آهستي آهستي سنسڪرت لفظ ڀڪت کان بگڙجي ڀڳت ۾ تبديل ٿي ويو. ڀڳت ڪنور رام اڄ کان 132 سال اڳ 13 اپريل 1885ع تي سنڌو تهذيب جي ننڍڙي شهر ميرپور ماٿيلي جي ڳوٺ ‘جروار’ ۾ جنم ورتو. ڀڳت ڪنور رام جي والد جو نالو ڀائي تارا چند ۽ ماءُ جو نالو تيرٿ ٻائي هو. هو سِنڌ سان گڏ هند ۽ سَڄي دُنيا ۾ مشهور ٿي ويو. هُن جو آواز ايترو ته مِٺو هو جو پَکين جي ٻولين جَهڙو سُرور بَخشيندو هو.

ڀڳت ڪنور رام کي ننڍپڻ کان لکڻ ۽ پڙھڻ جو ڏاڍو شوق ھوندو ھو، پر غربت ڪارڻ ڪنھن پاٺ شالا مان تعليم پرائڻ واري شوق کي ڏسندي هُن پنهنجي ست گرو سنت سترام داس وٽان سنڌي پڙھي ۽ فارسي پڻ سکي ورتي. سندس پيءُ ڀائي تارا چند کي ڪجهه زمين جو ٽڪرو ھو. ڪنور رام ڪڏھن ڪڏھن ٻنيءَ تي پيءُ سان وڃي جھار ھڪليندو ۽ نار ھلائيندو ھو. جوان ٿيو ته پيٽ گذر لاءِ ڪُھر (چڻا) وڪڻڻ شروع ڪيائين. سندس مٺڙي ۽ سريلي آلاپ ۾ ايڏو ته لطف ۽ جادو ھو جو ‘ڪُھر’ کپائڻ وارو ٻار پنھنجي نالي جيان ھميشه ڪنول گل جيان ٽڙيل ۽ پکڙيل رھيو. ڪنور رام جي ھوڪي ڏيڻ واري آواز ۾ ايتري ته ميٺاس ھئي جو ھڪ وقت ننڍا توڙي وڏا گڏ ٿي ويندا هئا. جيتوڻيڪ جنهن کي ‘ڪُهر’ نه وٺڻا هوندا هئا، سو به خوش ٿي خوشي سان ‘ڪُهر’ وٺي ويندو هو. اُن دوران ڳوٺ حيات پتافيءَ جي درٻار ۾ ڀائي ھاسارام کان گُرمکي به سکندو رھيو. درٻار ۾ آئي وئي جي ٽھل ٽڪور پڻ ڪندو ھو، اُتان جو ھڪ ست گرو سنت سترام داس کيس سنتن ۽ ڀڳتن جون ڪھاڻيون ٻڌائيندو ھو، اُتي ئي ڪنور رام پنھنجي گرو سنت سترام داس کان ڀڳتي وڄائڻ سکي ۽ سندس سنگ ۾ خود به سنت ٿيو. ڀڳت ڪنور رام جي 1903ع ۾ اوتو مل جي نياڻيءَ سان شادي ٿي. هن وٽ ھندو مسلم جي متڀيد جو ڪو تصور ئي نه ھو، جيڪڏهن ھِن وٽ ڪو به سوالي اِيندو هو ته خالي موٽي نه ويندو ھو، هو بنا ٻانهون ٻڌڻ جي ئي شايد ڪنهن سان مخاطب ٿيو هجي. سندس عاجزي عادت ھئي ته راڳ سندس عبادت هو. راڳ سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هو ۽ ڪنور ساز بڻيو ۽ رام هِن جي آخري منزل ٿي. ھِن پنھنجي آواز جي جادوءَ ۽ انداز سان سنڌ ۾ ڀڳتي گائيڪيءَ جو بنياد وڌو.ڀڳت ڪنور رام واحد راڳي ھو، جنھن پنھنجي راڳ جي ڪمائي غريبن ۽ نادارن جي مدد لاءِ ڪتب آندي. ماسٽر چندر اعتراف ڪندو هو ته ھِن “اڏري وڃ طوطل ماڙيءَ …” وارو ڪلام ڪنور رام کان سکيو ۽ ڳايو. ڪنور رام گھڻو ڪري آخر ۾ “راڳ مارو” ڳائيندو ھو ۽ ھر محفل جي پڇاڙي “مارو” راڳ ڳائي ڪندو ھو. ڀڳت ڪنور جو “مارو” راڳ ڳائڻ جو سبب اُھو ھو ته جيئن انسان کي موت جي يادگيري رھي. نامياري اديب علي احمد بروھيءَ ڪنور رام بابت لکيو آهي ته، “ٻيجل ۽ راءِ ڏياچ نه ٻڌوسين ۽ نه ڏٺوسين، پر اَسان ھڪ اھڙو سخي ڏٺو، جيڪو ڏئي نه پچاري”. ڪنور رام ڀڳتيءَ جو جيڪو انداز اختيار ڪيو، سا سڌو سنئون صوفياڻي ثقافت جي عڪاسي ھئي. جامو ۽ ڇير، خاص ڪري ڪنور رام ئي متعارف ڪرائي. ڀڳتي ۽ لوڪ رس گائيڪيءَ جو باني ڀڳت ڪنور رام ڪنور ھو. ڀڳت ڪنور رام صاحب ساڻ ڀڳت ۾ ڪجهه ننڍڙا نالي ماتر راڳي پڻ هوندا هئا، اُنهن ننڍڙن راڳين جي پاڻ حوصلا افزائي سان پذيرائي ڪري اُنهن جو مانَ مٿانهون ڪندو هو. ڀڳت ڪنور رام جي مخصوص ۽ منفرد انداز ۾ ڏوهيڙي ڏيڻ، ڳائڻ ۽ ڇير هڻڻ تي سندن پرستار ۽ پارکو بي خودي جي ڪيفيت ۾ کيس مڃتا ۽ ڀيٽا ڏيندي مٿس نوٽن جي برسات ڪري ڀرپور داد ڏيندا هئا.

ڀڳت ڪنور رام ورهاڱي کان اڳ مسجد منزل گاهه سکر وارن مذهبي فسادات ۾ پران ڏنو. در حقيقت ڀڳت ڪنور رام زندگي جو آخري راڳ مانجهند شهر ۾ ڳايو. مانجهند شهر مان ڳائي ريل ۾ چڙهي دادوءَ ۾ لٿو. ڀڳت ڪنور رام کي اُتي ڪي ٻه شخص مليا ۽ پيرين پئي چيائيون ته، “دعا ڪجو ته اَسان جنهن مقصد لاءِ نڪتا آهيون، اُهو مقصد پورو ٿئي”. ڀڳت ڪنور رام اُنهن ٻنهي شخصن کي غور سان ڏسي مرڪندي چيو ته، “اوهان جو مقصد پورو ٿيندو، اوهان جا ٻيڙا پار آھن”. ائين چئي اُتان ٻيءَ گاڏيءَ ۾ سکر وڃڻ لاءِ رڪ اسٽيشن تي پھتو ته گاڏي نڪرڻ کانپوءِ هڪ ظالم شخص جان محمد جلباڻيءَ بندوق سان سڌا فائر ڪري کيس زخمي ڪري وڌو، تڏهن به سندس جي زبان تي اِھي لفظ ھئا ته سندس قاتلن کي ڪجهه به نه چيو وڃي. گاڏيءَ ۾ علاج نه ٿيڻ سبب باگڙجي اسٽيشن تائين ڀڳت ڪنور رام جو رت وھڻ ڪري اَمن، شانتي، پيار ۽ محبت جو درس ڏيندڙ، ڌرتي ماتا جي پوڄا ڪندڙ عالم انسانيت سان محبت ۽ ايمان رکندڙ عظيم صوفي درويش وڃي حقيقي مالڪ سان مليو. اُھو جيءُ کي جهوريندڙ سانحو پهرين نومبر 1939ع تي ٿيو ۽ سندس اگني سنسڪار 2 نومبر تي ڪيو ويو. سندس آخري آرامگاھه رھڙڪيءَ ۾ گرو سنت سترام داس جي قدمن ۾ آھي. سنڌ ڌرتي اڄ ڏينهن تائين رواداري لاءِ سڪي رھي آھي، اڄ به پوري دنيا ۾ سنڌ جي سڃاڻپ بڻيل ڀڳت ڪنور رام جي زندگي تي هند ۽ سنڌ ۾ ڪيترن ئي ليکڪن پڻ ڪتاب لکيا آهن، اُن سان گڏ ھند ۽ سنڌ ۾ هندي سنڌي فلمون به ٺاهيون ويون آهن، جيڪي رواداريءَ، انساني ڀائيچاري جو مثال قائم ڪرڻ، ھند ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ اتساهه پيدا ڪرڻ جو مثال قائم ڪن ٿيون.

ڀڳت ڪنور رام کي لکين چاھيندڙ سندس ورسي جي موقعي تي رڪ اسٽيشن تي گڏ ٿي سٺن لفظن ۾ ياد ڪري انساني برابري ۽ رواداري جا وچن ورجائيندي نمي پرنام ڪري ڀيٽائون پيش ڪندا آهن. سَچ پچ ته هِي سِنڌ جي تاريخ جو نهايت ئي نُمايان، عَظيم، ۽ انمول ڪِردار آهي، جيڪو سِنڌو تهذيب جي رُوح مِثل آهي، جَنهن تي اَسان فخر آهي، ۽ اُهو فخر تيستائين رَهندو، جيستائين ڪائنات باقي آهي.