ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون …. ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ڀِني ويھي ڀان

0
182
ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون .... ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ڀِني ويھي ڀان

 ھو جڏھن ڳائيندو ھو ته ستارا صفبندي ڪري بيھندا ھئا ۽ چنڊ ڪنڌ لاڙي ڇڏيندو ھو، ھوائون سانت ٿي کيس ٻڌنديون ھيون. ھو جڏھن “آ” ڪري سرگم کڻي پلٽو ھڻندو ھو ته ھانءَ ھٿن ۾ اچي ويندا  ھئا. ھن جي صدا ۾ ڌرتيءَ جي گونگين گھٽين جو غم ھو پر اڄ ھو گلي جي ڪينسر سبب سڀ آلاپ وڃائي ويٺو آھي. سر سنگيت جي سدابھار سرزمين سنڌ کي ٻيجل سنڌي جھڙي ڳڻوان راڳي ۽ قومي ڪارڪن پُٽ تي فخر آھي. راڳ جي انت بحر جي ڇيڙي نبيري جي ته واقعي به مڪمل پروڙ عمريون رياضت کي دان ڪري ڇڏيندڙ خانصاحبن ۽ مھا استادن کي به ناھي پئي پر حاضر دور ۾ سنڌي ڪلاسيڪل توڙي نيم ڪلاسڪ موسيقي جي روپ ۾ کوڙ سارن آوازن سان آشنا ٿي آھي پر ماضيءَ ۾ جتي ضياءَ آمريت جھڙا دور به آيا، اتان ٻيجل سنڌي جھڙا يگانا قومي ڪلاڪار به پيدا ٿيا، جن وٽ زخمي روحن تي پھا رکڻ جھڙو آرٽ ھو. اھو آواز جنھن جي سڏ پڙاڏي ۾ صديون ساھ کڻي رھيون ھيون. سنڌو جي سانوڻي جي گجگوڙ، اڃايل مورن جي ٽھوڪن، دريا خان جي تلوار جي جنبش، آخوند صالح جي وڍيل زبان جي رت ڦڙن، سائين جي ايم سيد جي ڊگھي تپسيا، شھيد بشير خان قريشي جي لھجي جي سوز و گداز گڏجي ھن سدا سھڻي راڳي جو روح تخليق ڪيو ھو، جيڪو ڳائيندو ھو ته زمينون ۽ زمانا سندس ساحرانه آلاپن جي آڏو سربسجود ٿي ويندا ھئا. ھو جڏھن اياز جو آزادي لاءِ چيل گيت ڇيڙيندو ھو ته سندس شخصيت ايتري من موھڻي ٿي ويندي آھي، جيتري مومل ان وقت ٿيندي ھئي، جڏھن ڪاڪ منڊل جي رات ۾ مينڌري جي سلوڻي سار جا ديپ دکندا ھئا. ٻيجل  کي اجايو ڪنھن ايوارڊ، اعزاز، استادي يا خانصاحبي جي خطاب جي ضرورت به محسوس نه ٿي. سنڌ جي جوانين جي ڌڙڪن سندس سرن تي جيڪا درد جي ڌمال ٿي ھنئي، اھائي سندس فن جي معراج جو اعتراف ھئي.

مون جڏھن به سياسي سفر ۾ ذھني ٿڪ محسوس ڪيو ته ٻيجل جا سچا ۽ مٺا سر مون کي پنھنجي وشال ڀاڪرن ۾ جڪڙي وٺندا ھئا. آئون جڏھن روبرو کيس ٻڌندو آھيان ته پنھنجي مفلسي جو احساس ٿيندو اٿم ۽ سوچيندو آھيان ته ھن نئين دور جي ٻيجل کي ارپڻ لاءِ ھي ھڪڙو ڪنڌ ته بنھ ناڪافي آھي پر شايد آئون ان ڪري به ھي ڪنڌ کيس ڪوري نٿو ڏيان ته اسان جا سر سنڌ جي آجپي جي عشق جي امانت آھن. اھا سنڌ جنھن خوبصورت مستقبل لاءِ ٻيجل ۽ اسين سڀ منتظر آھيون، ان سنڌ وٽ جڏھن آزادي جي حسين ديوي رنگ رتول کڻي ايندي ۽ اسين ان جي قدمن ۾ پنھنجا سر سڪن جيئن اڇلي ڏينداسين ته ٻيجل جو راڳ اسان جي مٽيءَ مٿان قومي ترانو ٿي گونجندو ۽ ان ۾ جڏھن؛ تنھنجي مٽيءَ منجھ ملان مان، شال امرتا پايان” واري سٽ ايندي ته ٻيجل جي گلي جو غم اسان جي روحن کي ابدي سڪون جو سنديس ڏيندو. آرٽ قوم جو متحرڪ شعور ھوندو آھي. فنڪار تاريخ جو ھڪ ذميوار فرد ھوندو آھي. جيڪو آرٽسٽ پئسي کي فن تي فوقيت ڏيندو آھي، ان جي راڳ مان روح مري ويندو آھي، رڳو وڃي يخي بچندي آھي. فن عظمت آھي، راڳداري پرستش آھي. ديس جي رڙ شاعري ۽ راڳ مان اڇلون کائيندي آھي. ٻيجل اھو سڀ سمجھي ٿو، ان ڪري وٽس جماليات جي حس وافر مقدار ۾ آھي. ڀلي راڳي باخلاق قومي ڪردار ٻيجل جي زندگي ھن وقت موت جي مقابلي ۾ بيٺي آھي، سادگي جيڪا ھن ۾ آھي، ان جو ڪو ڇيڙو نبيرو ڪونه آھي. سدائين پوتڙو ڪلھي تي، فقيري انداز. اڪثر بسن ۾ سفر. سادي زندگي. چھري تي معصوميت سان ڀريل مرڪ. ھر وقت ھشاش بشاش ٻيجل جتي به اچي لٿو، ڄڻ ڪو ڪفني پاتل ڪاپڙي ھجي، جنھن واٽ ويندي وسرام ڪيو ھجي. نوجوان سندس ارگرد گھيرو ٺاھي ساڻس سيلفين جي ڌوم مچائي ڇڏيندا، پر ھو ان سموري پروٽوڪول کان بي نياز بس رڳو پيو کلندو ھو. مجال آھي جو ڪير ساڻس ملي اھو محسوس ڪري ته ھو سنڌ جي ھڪ وڏي قداور ماڻھوءَ سان ملي رھيو آھي. نه رعب نه تاب، نه وڏائي – بس ھر وقت نھٺائي نماڻائي ھن جي زندگي جو زيور رھي. مون کيس صفا ويجھڙائي کان ڏٺو. اڄ مون کي بي ڌڙڪ اھو چوڻ ڏيو ته مون پنھنجي سموري زندگي ۾ نه شاعرن ۾، نه قومي ڪارڪنن ۾ اھڙو ڀلو ماڻھو ڏٺو!! ٻيجل سڀني کان جدا، يڪتا ناز يگانو ۽ منفرد آهي! جيئن ھن جي گائڪي معنيٰ خيز رھي آھي، ائين ھن جي زندگي به مڪمل آدرشي، اَورچ، بامقصد ۽ بي لوث رھي آھي. ان ڪري صدين جي ساک جھڙو انسان سائين جي ايم سيد ساڻس محبت ڪندو ھو ۽ چوندو ھو: “ٻيجل کي چئو مون کي اداسي مان ٻاھر ڪڍي”. عبدالواحد آريسر جھڙو اڻ موٽ انقلابي سندس دوستيءَ جي دعويٰ ڪري خوش ٿيندو ھو. بشير خان قريشي جھڙو سرويچ سورمو سندس چرن ڇھي وٺندو ھو.

ٻيجل کي اھو اعزاز حاصل آھي ته ھن جيئري به جام سارو پيار پاتو. سنڌ پنھنجي ھن سيلاني سپاھي کي سدائين مينديءَ ڏار آڇيا. سندس ھر قدم تي شديد جذبن سان آجيان ٿي آھي پر ھن وقت ھو سڄي سنڌ کان ساٿ جو طلبگار آھي. ھن جي سيد ۽ سنڌ سان غير مشروط وفاداري جو عالم ھي رھيو آھي ته جڏھن به قومي تحريڪ يا محاذ سربراھ  محترم رياض چانڊيو جي ھجت ڪري ته ھر ھنڌ حاضر. اتساھيندڙ گيتن سان گڏ شانائتي گفتگو. گذريل ھفتي عيادت ڪري اٿيس ته مون سندس اکين ۾ اڻ لکي اداسي ڏٺي. موڪلائڻ مھل پير ڇھيامانس ته سيني لائي چمي ورتائين.

ٻيجل سنڌي ھڪ وڏو ورثو اھو رکيو آھي ته ھن جا گونجندڙ گيت، ھن جا ڪيل پرخار پيچرن جا پنڌ، ھن جا اتساھيندڙ خواب، ھن جا وطن سان عشق جا آلاپ، ھن جا منڊي ڇڏيندڙ ڪچھرين جا قصا. ھو ٿر جي ٿڌيري مٽيءَ جھڙو ماڻھو آھي ھو ور ور جنم وٺڻ ۾ ويساھ رکندو آھي، ان ڪري ھن جي چپن تي ڪا شڪايت ناھي، ڪو ڏوراپو ڪونھي. ھو ھن موذي مرض دوران به سنڌ ۽ سيد کي ساري ٿو ۽ سوچي ٿو ته شال مڳت ڪارونجھر جي ڪور مٿي ناچ ڪري يا محبت بادل جو ويس ڍڪي وري ۽ اچي سالن جي سڪل ۽ سڪايل دلين تي رمجھم رمجھم برکا ٿي برسي. ھو جيڪو مانيءَ ڳڀو پاڻي ۾ ٻوڙي کائيندڙ قومي ڪلاڪار آھي. ھو جيڪو مارئي جي لوئي جو لڄادار سپاھي آھي. ھو جيڪو سنڌ جو آزاد روح آھي. ٻگھن جي ڪالوريل ڍنڍ ۾ ڪنول جو گل آھي. ھو جيڪو ستل صحرا جي وچ ۾ روپلي جي رڙ آھي، سو اڄ بستري جي زينت بڻيل آھي. سنڌ پنھنجي ھن حقيقي فقير منش خدمتگار جي مزاج پرسي لاءِ به لڙي ناھي آئي، مالي مدد ته پري جي ڳالھ آھي. شال ھو خضري عمر ماڻي پر ھو پنھنجي وطن، پنھنجي قوم ۽ ان جي آجپي سان ايترو ڪميٽيڊ آھي، جو  ھو وڃڻ ويلي به سنڌ وطن کي سنھي سرگوشيءَ ۾ ضرور چئي ويندو ته،

آئون توڏانھن وري ايندس

ڪڏھن

۽ ڪٿي

اھو نٿو ڄاڻان!