ڀارتي ڊرامي “سي آءِ ڊي” جي اداڪاره تي گهر وارن جو تشدد، ماءُ خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

0
147

ڀارت جي مشهور ڪرائم ڊرامي سي آءِ ڊي جي اداڪاره ويشنوي دهنراج پنهنجي گهر وارن تي تشدد جو الزام هنندي پنهنجي والده جي خلاف به ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي

ويشنوي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ پنهنجي مٿان ٿيندڙ تشدد جي باري ۾ ٻڌايو ۽ گڏوگڏ پنهنجا زخم به ڏيکاريا

ويشنوي پنهنجي وڊيو ۾ مداحن کي چيو ته هن وقت پوليس اسٽيشن تي موجود آهن، منهنجي فيملي مون تي تشدد ڪيو، منهنجو چهرو ۽ هٿ زخمي ڪري ڇڏيو آهي

هُن وڊيو ۾ مداحن کي وڌيڪ چيو ته منهنجي گهر وارن مون تي تشدد ڪيو آهي ۽ مون بُرو ڀلو چيو، مون کي اوهان جي ضرورت آهي، منهنجي مدد ڪريو

ڀارتي ميڊيا موجب پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته ويشنوي جي درخواست تي ان جي والده ۽ ڀاءُ خلاف نان ڪاگنيسيبل ڪيس رجسٽرڊ ڪرايو ويو آهي

واضح رهي ته نان ڪاگنيسيبل ڪيس ۾ پوليس عدالتي حڪم کانسواءِ نه جاچ ڪري سگهي ٿي نه ئي وري ڪا گرفتاري عمل ۾ آڻي سگهي ٿي

ٻئي پاسي ڀارتي ميڊيا رپورٽرس موجب ويشنوي دهنراج جي گهروارن هن کي گهر ۾ يرغمال بڻائي رکيو هو، ان جي والده ۽ ڀاءُ ان جو موبائل فون به پنهنجي قبضي ۾ ورتو هو، اداڪاره کي گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي به اجازت نه ڏني وئي هئي