ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پ پ اڳواڻ فيصل شيخ جو ڀيڻويو ڊرائيور سميت ٽارگيت بڻائي قتل، زال مرڻينگ، رات دير سان ناظم آباد جي اسپورٽس ڪامپليڪس ويجهو پهريان کان تاڙ ۾ ويٺل نامعلوم هٿياربندن ڪار تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن سبب پيپلز پارٽي ضلعي سينٽرل جي فوڪل پرسن فيصل شيخ جو ڀيڻويو طارق ولد عارف قتل ٿي ويو، جڏهن ته سندس گهر واري بينش گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، قتل ٿيل آن لائين ٽيڪسي ڊرائيور جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي، پوليس موجب مقتول زال ۽ مڙس سخي حسن واري علائقي مان فيصل شيخ جي ڌيءَ جي شادي جي ڪاڄ مان واپس اچي رهيا هئا ته ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار جوابدارن انڪوائري آفيس ڀرسان سندن ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ ۾ طارق ۽ ڪار  ڊرائيور قتل ٿي ويا، جڏهن ته عورت زخمي ٿي پئي، پوليس موجب مقتولن  کان ڪنهن به قسم جي ڦرلٽ ناهي ٿي، واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ لڳي ٿو، پوليس موجب طارق کي 9 ۽ ڊرائيور کي 4 گوليون لڳيون آهن،