ڀارتي فلم انڊسٽري ڀتي خوري ۾ به ملوث: اداڪارا ۽ سندس بواءِ فرينڊ گرفتار

0
303

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ ۾ اداڪارن توڙي اداڪارائن جا مختلف اسڪينڊل وائرل ٿيندا رهندا آهن. شوبز ستارن جون زندگيون به عوام سان گهڻيون ٻڌل هونديون آهن. ڀارت جي ناليواري اداڪارا الينا ماريا پال کي 200 ڪروڙ رپين جي ڀتا خوري جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب انفورسمنٽ ڊائريڪٽر طرفان جاچ جي ٻن هفتن کانپوءِ ڀارت جي ناليواري اداڪارا لينا ماريا پال کي دهلي پوليس اڪنامڪ آفنسز ونگ ناليواري ڪاروباري خاندان کان 200 ڪروڙ رپيا ڀتو وٺڻ جي معاملي ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب باليووڊ اداڪارا لينا ماريا 2013 ۾ جان ابراهيم جي فلم ”مدراس ڪيفي“ ۾ ڪردار ادا ڪيو هو. اداڪارا لينا ماريا جي بواءِ فرينڊ سوڪيش چندر شيڪر کي دوستن سان گڏ ڀتي خوري جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. لينا ماريا جي بواءِ فرينڊ سوڪيش چندر شيڪر خلاف جڏهن مهاراشٽرا ڪنٽرول آف آرگنائيزڊ ڪرائيم ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ڪيو ته ان ۾ اداڪارا کي به ملوث ڄاڻايو ويو.