ڀارتي فلمن ۾ ڪم ڪندڙ روسي اداڪاره جو لاش هٿ

0
277

ڪراچي(ڊيسڪ رپورٽ) ڀارتي فلمن ۾ ڪم ڪندڙ 24 ورهين جي روسي اداڪار۽ ماڊل اليگزينڊرا جاوي جو لاش مليو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب روسي اداڪاره جو لاش ڀارتي رياست گوا ۾ ان جي فليٽ مان مليو جتي هن جو لاش ڪچن ۾ لٽڪيل هو.

رپورٽس ۾ چيو ويو آهي ته اداڪاره گوا ۾ پنهنجي دوست سان گڏ رهندي هئي ۽ اڄ هن جو دوست گهر پهتو ته دروازو نه کولڻ تي پوليس کي طلب ڪيو، جتي هن جو لٽڪيل لاش هٿ آيو. ميڊيا رپورٽس موجب روسي ناري پريشان هئي ۽ ذهني سڪون جي لاءِ دوائون به استعمال ڪري رهي هئي، جڏهن ته ڪجهه رپورٽس ۾ هن جي پريشاني سندس بواءِ فرينڊ سان دسوتي ختم ٿيڻ تي کي به قرار ڏنو پيو وڃي.

رپورٽس ۾ چيو ويو آهي ته روسي ماڊل گرل 2019 ۾ چنئي جي هڪ فوٽو گرافر جي خلاف جنسي ڏاڍائي جو ڪيس داخل ڪرايو هو جنهن تي ڦوٽور گرافر کي گرفتار ڪيو به ڪيو ويو. پوليس اداڪار جي موت تي خودڪشي جو شڪ ظاهر ڪيو آهي پر واقعي جي جاچ به ڪري رهي آهي.واضح رهي ته روسي ماڊل گرفل ڀارت جي مقامي فلم انڊسٽري (تامل) جي فلم ”ڪنچنا 3“ ۾ اداڪاري ڪئي هئي، هن کان علاوه ماڊلنگ به ڪندي هئي.