ڪا به نئين جماعت نه پيا ٺاهيون: چوڌري سرور

0
246
حڪومت پنجاب جي

ڪراچي (م ڊ) پنجاب جي گورنر چوڌري سرور نئين سياسي جماعت ٺاهڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي. گورنر هائوس لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چوڌري سرور چيو آهي ته عبدالعليم خان ۽ مون سميت سڀ تحريڪ انصاف جا حصو آهيون، نئين جماعت ٺاهڻي هجي ها ته تحريڪ انصاف جا عهدا ڇڏي چڪا هجون ها.

تقريب کي خطاب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته منهنجي يا عليم خان جي طرفان نئين سياسي جماعت ٺاهڻ واريون خبرون بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن.پاڪستان جي، جي ايس پي پلس اسٽيٽس تي ڳالهائيند پنجاب جي گورنر چوڌري سرور جو چوڻ هو ته هن اسٽيٽس کي برقرار رکڻ جي لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جيڪڏهن هي واپس ٿيو ته ملڪي معيشت جو وڏو نقصان ٿيندو.

چوڌري سرور وڌيڪ چيو ته اقليتن پاڪستان جي قيام ۽ پنجاب پاڪستان ۾ شموليت لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون، ملڪ جو آئين اقليتن کي برابر جا حق ڏيڻ جي پاسداري ڪري ٿو.