ايف آءِ اي اينٽي ھيومن ٽريفڪنگ جي ڪارروائي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نادرا سوڌو 2 ڄڻا گرفتار

0
298

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سيل جي ڪارروائي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نادرا حماد حسين،سينيئر ايگزيڪيوٽو نادرا رضوان خان ۽ پرڏيهي شهري جاويد خلاف ڪيس داخل ڪيوويو، ڪيس نادرا اختيارين جي لکت۾ شڪايت تي داخل ڪيو ويو، ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آھي تھ اسسٽنٽ ڊائٽريڪٽر نادرا جي مدد سان غيرقانوني طور تي پرڏيهي شهري جاويد سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد اسسٽنٽ ڊائريڪٽرنادرا حماد حسين ۽ رضوان خان کي گرفتارڪيو ويو، پرڏيهي شهري جي گرفتار نه ٿيو، ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آھي تھ جعلي سڃاڻپ ڪارڊ اسڪينڊل ۾ هن وقت تائين 5ڪيس داخل ٿي چڪا آهن، هن وقت تائين 16جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن ۾ نادرا جا اعليٰ آفيسر شامل آهن.