ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار گووندا ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي.گووندا پنهنجي صحتيابي جي خبر مداحن کي انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ ذريعي ڏني ۽ لکيو ته هاڻ مان ٻيهر پنهنجي ڪم تي واپس اچي ويو آهيان ۽ انجواءِ ڪري رهيو آهي.واضح رهي ته اداڪار گووندا 5 اپريل تي ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيو هو، جنهن جي تصديق سندس گهرواري سنيتا آهوجا ڪئي هئي.