انقره(شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪار عمران عباي کي ترڪي جي حڪومت خيرسگالي جو سفير مقرر ڪيو آهي. انسٽاگرام تي پنهنجي پوسٽ ۾ عمران عباس سفير مقرر ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ترڪي حڪومت ۽ مذهبي معاملن واري وزارت مون کي خيرسگالي جو سفير مقرر ڪيو آهي جيڪو مون لاءِ اعزاز آهي، هن هفتي ترڪي جي مشهور اداڪارن سان گڏ تنزانيا سميت ڪيترن ئي آفريڪي ملڪن جو دورو ڪري چيو آهيان جتي ماڻهن ۾ پاڻي، خوراڪ، تعليم ۽ زندگي لاءِ ضروري ٻيون شيون ۽ هزارين قرآن پاڪ جا تحفا ورهايا.