ممبئي(شوبزنيوز) بالي ووڊ جا مشهور اداڪار ارجن رامپال، سونوسود ۽ نيل نتن مڪيش به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ارجن رامپال ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڪا علامت نه هجڻ باوجود ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي، جنهن بعد آئسوليٽ ٿي ويو آهيان. هن چيو ته جيڪي ماڻهو 10 ڏينهن کان مون سان رابطي ۾ هئا اهي پنهنجو خيال رکن ۽ احتياط ڪن ڇاڪاڻ ته اسان تي هي تمام ڏکيو وقت آهي. نيل نتن مڪيش به ڪورونا وائرس جي تصديق ڪئي ۽ ماڻهن کي احتياط ڪرڻ جي اپيل ڪئي.