مٺي (رپورٽر) مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 4 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا، فوتين ۾3 سالن جي زهرا ڌيءُ رسول بخش، ٽن مهينن جو ظفر الله ولد لياقت، جڏهن ته ميوو ۽ راسو جا تازا ڄاول ٻارڙا شامل آهن، جنهن کانپوءِ هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 22 ٿي ويو آهي، جڏهن ته هلندڙ سال فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 583 ٿي ويو آھي، هوڏانهن مٺي سول اسپتال جي مختلف وارڊن ۾ 100 کان وڌيڪ ٻارڙا علاج هيٺ آهن،