جيڪب آباد / ٺل (نمائندن وٽان) ڳڙهي حسن ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلشير ڪنراڻي ۾ 11 ڏينهن اڳ مدرسي اندر يتيم نينگر مظفر سومرو جو لاش ملڻ بعد ڪيس ۾ نامزد ڪريم بخش سومرو کي پوليس هٿ نه ڪري سگهي آهي، جڏهن ته مقتول نينگر جو بيمار ڀاءُ راڻو عرف يونس سومرو به ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، نوجوان جو مڙهه ايمبولينس ذريعي ڪراچي کان ٺل جي مزاري لاشاري  پهتو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.هڪ هفتي اندر ٻئي پٽ جو لاش گهران نڪرڻ تي سندس امڙ اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪيون ته ماحول سوڳوار ٿي ويو، جڏهن ته راڻو عرف يونس سومرو جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن سياسي، سماجي، ادبي، مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ سومرا برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي.نوجوان جي تدفين لاڙڪاڻي جي پنجوديرو لطيف شاهه قبرستان ۾ ڪئي وئي. ان حوالي سان مقتول نينگر مظفر سومرو جي امڙ پياري ٻڌايو ته هڪ هفتي اندر ٻن پٽن جا گهران جنازا نڪتا آهن جيءُ جهري پيو آهي هڪ پٽ کي بيگناه قتل ڪيو ويو جنهن جا جوابدار اڃان گرفتار ئي ناهن ٿيا ته ٻيو پٽ فوت ٿي ويو آهي.ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سعيد جماڻي ٻڌايو ته قتل ڪيس ۾ مولوي کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.هوڏانهن جي يو آءِ جيڪب آباد جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو ته مظفر سومرو جي قتل جو ڪيس مدرسي مالڪ ۽ پڙهائيندڙ مولوي تي هڪ سازش تحت داخل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايس ايس پي جي موجودگي ۾ ڪجهه نقطا طئي ڪيا ويا هئا، ان مطابق جاچ ٿيڻي هئي پر پوليس هڪ ڪلاڪ جي اندر ڪيس داخل ڪري ڇڏيو جيڪا بدنيتي تي ٻڌل آهي، هن چيو ته اڻڌري جاچ ڪرائي وڃي، جيڪڏھن انصاف نه ڪيو ويو ته ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.