بدين(رپورٽر) بدين ميونسپل ڪاميٽي ۾ ايڊمنسٽريٽر جي جي ڪرسي سياست ۽ ڪرپشن جي ور چڙھي وئي آهي. رين ايمرجنسي ھوندي پاڻي ڪڊڻ جون تقريبن 15 مشينون گم ٿي ويون آهن، صرف ھڪ مشين ظاھر ڪئي وئي آهي. ھڪ ھفتو اڳ آيل ايڊمنسٽريٽر ڊي سي بدين کي دانھن ڏني، جنهن تي ڊي سي بدين نوٽيس وٺندي اينٽي سرڪل آفيسرکي انڪوائري جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، رين ايمرجنسي دوران شھر مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ خريد ڪيل 14 نيون ھيوي مشينون ۽ 5 پراڻيون ٽوٽل 20 مشينون غائب ٿي ويون آھن  موجوده ايڊمنسٽريٽر پير واحد بخش ڊپٽي ڪمشنر بدين کي دانھندي لکت ۾  چيو هو ته مون کي چارج وٺندي ھڪ ھفتو ٿيو آھي، ھن وقت ميونسپل ڪميٽي ۾ رڳو هڪ ئي پاڻي نيڪال ڪرڻ واري مشين آهي جڏھن ته رڪارڊ ۾ 21 نين مشينن سميت 25کان به  مٿي آھن جيڪي گم آھن.ياد رهي ته ڄاڻايل مشينون تازو 25 کان 30 لک روپين جي لاڳت سان خريد ڪيو ويو ھيون، باقي پراڻي مشينن جي مرمت ڪرائي وئي ھئي جنھن تي به لکين روپيا خرچ ڪيا ويا مگر مشينون گم ٿي ويون آھن، ياد رهي ته هن وقت سڄي ضلعي ۾ رين ايمرجنسي آهي ۽ ضلعي ۾ برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ واري مشينن جي سخت ضرورت آهي، ٻئي پاسي جاچ جي ھدايتن بعد ميونسپل ڪاميٽي ۾ ٿرٿلو متل آھي. ٻئي طرف ذريعن موجب ته ائڊمنسٽيٽر پير واحد بخش پڻ موڪل جي درخواست ڏني آھي جنھن کي بدين جي ھڪ سياسي ڌر پاران بدلي ڪرائڻ جون به ڪوششون جاري آھن، ۽ بدلي ٿيڻ جا افواه پڻ هلندڙ آهن.