پ پ اڳواڻن جي هڪٻئي خلاف ڄنڊا پٽ سبب دلچسپ صورتحال

0
236
پ پ اڳواڻن جي هڪٻئي خلاف ڄنڊا پٽ سبب دلچسپ صورتحال
پ پ اڳواڻن جي هڪٻئي خلاف ڄنڊا پٽ سبب دلچسپ صورتحال

اوٻاوڙو ۽ ڏهرڪي جي ٻن صوبائي تڪن تي پ پ اڳواڻن جي هڪ ٻئي خلاف ڄنڊا پٽ سبب دلچسپ صورتحال، ڏهرڪي جي صوبائي تڪ پي ايس 19 تي اڳوڻو صوبائي وزير باري پتافي ۽ نادر اڪمل لغاري آمهون سامهون ٿي ويا

 پ پ ۾ تازو شامل ٿيل خالد لنڊ ۽ علي گوهر مهر پاران نادر اڪمل لغاري جي حمايت جو فيصلو ڪيو ويو آهي

 لنڊ ۽ مهر گروپ جي اڳواڻن جي سوشل ميڊيا تان باري پتافي تي تنقيد، باري پتافي تازي صورتحال کان پارٽي قيادت کي آگاهه ڪري ڇڏيو

 ذريعن موجب خالد لنڊ ۽ باري پتافي وچ ۾ هڪ سال اڳ ماڙي پئٽروليم جي ساڍا 3 ارب رپين جي رائلٽي واري معاملي تان اختلاف  پيدا ٿيا هئا

 اوٻاوڙو جي صوبائي تڪ پي ايس 18 تي پ پ اڳواڻ شهر يار شر کي هارائڻ لاءِ علي گوهر مهر پاران ڄام مهتاب ڏهر جي حمايت ڪئي وئي آهي

 ذريعن موجب باري پتافي ۽ شهريار شر کي هارائڻ لاءِ خالد لنڊ ۽ علي گوهر مهر اتحاد ڪري ورتو آهي

هي به پڙهندا

ملير ضلعي جا اهم اڳواڻ نواز ليگ ۾ شامل، پيپلز پارٽي تي سنگين الزام