پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن ڀرسان پراڻي سڱاوتي تڪرار تان گهر کان زمين تي ڦٽيون چونڊڻ لاءِ ويندڙ شادي شدهه ناري هٿياربندن هٿان رستو روڪي قتل، جوابدار فرار، ڪيس داخل نه ٿيو، ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ، خبر موجب ڳوٺ مراد راڄپر ۾ راڄپر برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ سڱاوتي تڪرار تان 6 هٿياربندن گهر کان زمين تي ڦٽيون چونڊڻ لاءِ ويندڙ عورتن جي ٽولي کي روڪي ورتو، جن مان هٿياربندن شادي شدهه ناري 22 ورهين جي نازيا زال سليم راڄپر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، ناري کي وارث اسپتال کڻائي آيا جتي ڊاڪٽرن ناري جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي، مقتول ناري جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ناري جي وارثن الزام هنيو ته جوابدارن اصغر علي، گلزار، واحد بخش راڄپر، ظھير علي ۽ ٻن نامعلوم ماڻھن ناري کي رستي ويندي روڪي بيگناهه قتل ڪيو، ٻڌايو پيو وڃي ته ڌرين ۾ 12 سالن کان سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي جنهن ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ماڻھو قتل ٿي چڪا آهن، واقعي بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي،