جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ برساتن کانپوءِ پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ ۽ گندگي سبب  مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن سبب مليريا جي مرض ۾ اضافي بعد دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جمس ۽ سول اسپتال ۾ به مليريا جي مريضن کي دوائون نه ٿي ڏنيون وڃن، جنهن سبب مريضن کي سخت تڪليف جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، هوڏانهن ٻي پاسي شهر ۾ پيناڊول گوري به بليڪ تي وڪرو ٿي رهي آهي.