لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد ۾ 25 ورهين جي نوجوان جو لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو،  پوليس پهچي لاش کڻائي ضروري ڪارروائي بعد ايڌهي رضاڪارن حوالي ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان علي گوهر آباد ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته هٿ آيل لاش نشو واپرائيندڙ نوجوان جو لڳي رهيو آهي، جيڪو لاش هٿ اچڻ بعد سڃاڻپ نه ٿيڻ تي ايڌهي رضاڪارن حوالي ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ايڌهي رضاڪارن طرفان سڃاڻپ نه ٿيڻ تي لاش کي شهر ڀرسان دودائي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو آهي.