پي ٽي آءِ بائيڪاٽ نه ڪري ها ته کوڙ ميمبرز پ پ کي ووٽ ڏين ها: اسلم ابڙو

0
221
پي ٽي آءِ بائيڪاٽ نه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ جي ناراض ايم پي اي اسلم ابڙو چيو آهي ته پي ٽي آءِ سينيٽ چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪري ها ته سندن کوڙ ميمبرز پ پ کي ووٽ ڏين ها

 پي ٽي آءِ جي ناراض ايم پي اي اسلم ابڙو طرفان پارٽي جي اڪثر ميمبرز جا پ پ سان رابطن جو انڪشاف ڪيو ويو آهي

جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ اسلم ابڙو چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز پارٽي مان خوش نه آهن، پي ٽي آءِ جا گهڻا ايم اين ايز وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رِٿ جي حمايت ۾ ووٽ ڏيندا، پي ٽي آءِ قائد پنهنجي ايم اين ايز سان ملي ٿو نه ئي هٿ ملائي ٿو