حڪومت بچايو مشن: وزيراعظم عمران خان جي ڪراچي آمد، ايم ڪيو ايم قيادت سان ملاقات

0
218
ايجنسين وزيراعظم تي

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو، وزيراعظم سان گڏ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ ٻيا وفاقي وزير به ڪراچي پهچي ويا آهن

وزيراعظم عمران خان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي عارضي مرڪز بهادر آباد پهچي ايم ڪيو ايم جي قيادت سان ملاقات به ڪئي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪزي آفيس بهادر آباد ۾ آمد کان اڳ سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان احساس پروگرام تحت نيشنل اسٽيڊيم ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪندو، ان کان علاوه پي ٽي آءِ سنڌ اسيمبلي جا ميمبر ۽ پارٽي اڳواڻ وزيراعظم سان گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪندا

جڏهن ته وزيراعظم پير پاڳاري سان ملاقات نه ڪري سگهندو، جي ڊي اي جي قومي اسيمبلي ميمبر سائره بانو چيو آهي ته پير پاڳارا جي طبيعت خراب هجڻ سبب ملاقات نه ٿيندي، پير صدرالدين شاهه ذاتي مصروفيتن سبب خيرپور ۾ آهي

ھي به پڙھندا

ڪوشش آهي ته آئيني طريقي سان حڪومت کي هٽائي قوم ڏانهن واپس وڃون: شهباز شريف