جهڏو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل

0
194
جهڏو ۾ هٿياربندن

جهڏو (ن پ ا) جهڏو ۾ نامعلوم جوابدارن فائرنگ ڪري شهري اقبال جٽ کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، جنهن بعد علائقي ۾ خوف ڇائنجي ويو آهي

جهڏو جي ڪڇي ڪالوني ۾ مسجد وٽ بيٺل اقبال جٽ کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي جهڏو آر ايڇ سي منتقل ڪيو

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي