حيدرآباد: عدالت پاران هارڊ ايريا ۾ شامل اميدوارن جو معاملو  حل ڪرڻ جو حڪم

0
201
نئون ڪوٽ واقعو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ)  سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ جوهي جي يوسي ڊرگهه بالا جي هارڊ ايريا ۾ شامل اميدوارن جو معاملو 4 هفتن ۾ حل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ذاڪر حسين، امداد حسين، رقيه بتول، اظهر، صنم بتول سميت 7 اميدوارن پنهنجي وڪيل امتياز چنا معرفت درخواست داخل ڪرائي، جسٽس  سليم جيسر ۽ جسٽس عمر سيال تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ٻڌڻي ڪئي

33 کان وڌيڪ مارڪون کڻي پاس ٿيا آهيون پر تعليم کاتي پاران هارڊ ايريا پاليسي تحت اڃا تائين آفر آرڊر جاري نه پيا ڪيا وڃن: درخواستگذار

تعليم کاتي ۽ آءِ بي اي پاران 19 مارچ 2021ع تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو ته جيڪي به يوسيز هارڊ ايريا ۾ شمار آهن انهن سان تعلق رکندڙ اميدوارن کي 33 مارڪن تي پاس ڪيو ويندو: وڪيل جي عدالت کي آگاهي

عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد  سيڪريٽري تعليم، چيف مئنيجر ڪوآرڊينيٽر سنڌ سيبا ٽيسٽنگ سروس سکر، ڊي سي دادو ۽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر دادو کي نوٽيس جاري ڪندي اميدوارن جو معاملو 4 هفتن ۾ حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو