پي ٽي آءِ اڳواڻ سنڌ ۾ عملي ڪم بدران هڪٻئي جون ٽنگون ڇڪين ٿا: ارباب غلام رحيم

0
329
هڪٻئي جون ٽنگون ڇڪين ٿا: ارباب غلام رحيم
پي ٽي آءِ اڳواڻ سنڌ ۾ عملي ڪم بدران هڪٻئي جون ٽنگون ڇڪين ٿا: ارباب غلام رحيم

مٺي: پي ٽي آءِ اڳواڻ ارباب غلام رحيم چيو آهي ته پ پ وارا عوام جي حقن لاء نه پر اقتدار جي ڪرسي ۽ ڪرپشن جو ڳٽ ڳچي مان ڪڍڻ لاء مارچ جو ڍونگ ڪري رهيا آھن

جلسي کي خطاب ڪندي ارباب غلام رحيم چيو ته  خورشيد شاه مونکي آڇ ڪئي ته ٿر ضلعي جي سمورين سيٽن سميت مختلف ضلعن ۾ سيٽون ڏيون ٿا توهان پ  پ ۾ شامل ٿيو، پر پ پ ڪرپٽ جماعت آھي انڪري خورشيد شاه جي آڇ کي ٺڪرائي ڇڏيو

ارباب رحيم چيو ته اسان 14 سالن کان مخالف ڌر ۾ ويٺاسين ۽ ظلم زيادتين جو نشانو بڻيا آھيون پر پ پ ۾ شموليت نه ڪئي، سنڌ جا وڏيرا ۽ وڏا وڏا سردار سياسي طور بزدل ۽ قلاباز آھن جيڪي اقتدار لاء هر روز پارٽيون بدلاين ٿا

هن چيو ته اسان جي ڪجهه ماڻھن جو خيال هو ته عوام کي انتقام کان بچائڻ لاء پ پ ۾ شموليت ڪجي ان ڪري مون تڙ تڪڙ ۾ پي ٽي آء ۾ شموليت اختيار ڪئي ته جيئن پ پ  ڏانهن وڃڻ وارو منهنجي ماڻھن جو رستو بند ٿئي

پي ٽي آء کي اگر سنڌ ۾ بنياد مضبوط ڪرڻو آھي ته سنڌي قوم جي مزاج ۽ ڪلچر مطابق هلڻو پوندو. سنڌ ۾ پي ٽي آء اڳواڻ عملي ڪم بدران هڪٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ تي زور ڀرين ٿا جيڪو عمل تمام خراب آھي، سنڌ ۾ پي ٽي آء اڳواڻن جي هڪٻئي سان اختلافن جي مخدوم کي اسٽيج تان دانهن ڏيان ٿو.