ٺاروشاھ: پيار پرڻي جي پلاند ۾ پريمي جو پيءُ، ماءُ ۽ ڀيڻ اغوا

0
252
پريمي جو پيءُ، ماءُ ۽ ڀيڻ اغوا
ٺاروشاھ: پيار پرڻي جي پلاند ۾ پريمي جو پيءُ، ماءُ ۽ ڀيڻ اغوا

ٺاروشاھ:  ڳوٺ لڌو بشارت  مان پيار جي پرڻي لاء نڪتل ناري حنيفان گوپانگ پاران صادق ڪلهوڙو سان پيار جي پرڻو ڪرڻ بعد گوپانگ برادريء جا هٿياربند ڳوٺ لڌو بشارت تي چڙھائي ڪري پلاند ۾ پريمي صادق ڪلهوڙو جي پيءُ ڌڻي بخش، ماءُ مسمات حيات خاتون ۽ ڀيڻ رقصه ڪلهوڙو کي اغوا ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. اطلاع تي ڊي ايس پي ڀريا عبدالستار اڄڻ ۽ ڊي ايس پي نوشھروفيروز حبيب الله لنجار پوليس جا وڏا اٽالا ساڻ ڪري اغوا ٿيلن کي بازياب ڪرائڻ لاء ڳوٺ کي ڪڙو چاڙھي ورتو. آخري اطلاعن تائين مغوي بازياب نه ٿي سگهيا.