پيرڳوٺ: پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل نوجوان فوت

0
220

پيرجوڳوٺ (رپورٽر) پيرڳوٺ ويجهو پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل نوجوان سجاد پٽ ڦلپوٽو  خيرپور جي سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، رات دير سان کانڀڙي ڦلپوٽا ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ ڪري 20ورهين جي سجاد پٽ خميسو عرف لالو ڦلپوٽو زخمي ٿي پيو هو، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، وارثن موجب، نوجوان سجاد ڦلپوٽو پاڻ مٿان فائر ڪيو، پوليس موجب، نوجوان سجاد ڦلپوٽو کي پٺيءَ ۾ گولي لڳل آهي  جنهن مان لڳي نه ٿو ته نوجوان خودڪشي ڪئي آهي، جاچ ڪري اصل حقيقت تائين پهچي جوابدار کي مٿان ڪيس داخل ڪنداسين.