اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم عمران خان گڏيل مفادن واري ڪائونسل يعني سي سي آءِ جو اجلاس اڄ سومر ڏينهن طلب ڪيو آهي، اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد  شاهه سوڌو چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ سي سي آءِ جا ميمبر شرڪت ڪندا، سوا 12 وڳي ٿيندڙ  سي سي آءِ جي اجلاس ۾ هڪ نقاطي ايجنڊا تي منظوري لاءِ غور ٿيندو اجلاس ۾ متبادل ذريعن سان بجلي پيداوار جي صلاحيت ۾ توسيع جي پلان 2021 کان 2030 جي پلان تي منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو جنهن ۾ سنڌ صوبي جي ٿر ڪول بلاڪ 6 مان بجلي پيداوار، مانجهند منصوبي سوڌو ٻين منصوبن کي شامل نه ڪرڻ تي سنڌ سخت اعتراض واريا هئا  اهڙا اعتراض سنڌ پاران وفاقي وزير اسد عمر جي صدار ت ۾ ٿيندڙ ڪابينا جي توانائي ڪاميٽي ۾ واريا هئا جنهن بعد سنڌ کي سنڌ جا منصوبا شامل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي هئي پر ذريعن مطابق سنڌ صوبي پاران سنڌ صوبي جي سستي بجلي پيداوار جي منصوبن کي شامل نه ڪرڻ تي سي سي آءِ اجلاس ۾ احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. پنهنجي اخبارپاران رابطي تي سنڌ جي توانائي وزير امتياز شيخ تصديق ڪندي ٻڌايو آھي ته سنڌ جي سستي بجلي جي منصوبن کي شامل نه ڪيو ويو آھي جنهن تي سنڌ کي اعتراض آھن سي سي آءِ اجلاس ۾ اسان ڀرپور موقف رکندا سين، سنڌ جي منصوبن کي نظر انداز ڪيو ويو ته سنڌ توانائي پلان جي منظوري جي مخالفت ڪندي، ذريعن مطابق تيار ڪيل 2021-30 بجلي پيداور جي پلان ۾ چار هزار ميگاواٽ سولر ۽ ونڊ ذريعي بجلي پيداوار جا منصوبا ،ڪي ٿري نيوڪليئر پلانٽ، منصوبن کي شامل ڪيو ويو آھي  انهي پلان تحت 2022 ۾ ڪلين انرجي تي منتقل ٿيڻ جو عمل شروع ٿيندو جيڪو پلان 2030 ۾ مڪمل ٿيندو ذريعن مطابق اجلاس ۾ 18 ترميم بعد هائير ايجوڪيشن جي مامرن تي ڳالھه ٻول کانسواءِ پاڻي جي ورڇ واري مامري تي به غور ٿيندو پاڻي ورڇ ۾ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتي تي سنڏ پاران احتجاج ڪرڻ جو به امڪان آھن.