مٽياري (رپورٽر) سنڌ کي 13 سالن کان وٺي اڏوهي جيان پيپلز پارٽي کائي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار اپوزيشن حليم عادل شيخ مٽياري ۾ سندس اڳواڻي ۾ نڪتل اسرائيلي جارهيت خلاف ميمڻ هائوس کان پريس ڪلب تائين نڪتل ريلي دوران ڪيو، حليم عادل شيخ وڌيڪ چيو ته سنڌ اندر ڪٿي به بنيادي سهولتون فراهم نه ٿي سگهيون آهن، سنڌ اندر ڪارو ڪاري ۽ قبيلائي جهيڙا پوليس جي ناقص ڪارڪردگي سبب وڌي رهيا آهن، خبر ناهي ته آءِ جي سنڌ ڪٿي لڪل آهي؟ هن چيو ته سنڌ اندر لاقانونيت عروج تي پهچي وئي آهي ۽ سنڌ پوليس جا 2 سو کان مٿي ڪمانڊوز رڳو بلاول هائوس ڪراچي جي مينهن جي واڙي جي سيڪيورٽي لاءِ مقرر ٿيل آهن.