ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 1250 رپيا مهانگو: ڊالر 20 پئسا واڌ سان 154.5 رپين تي پهچي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي صرافه بازار ۾سون 1250 رپين جي واڌ سان 108550 مان 109800 رپيا في تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته چاندي 47 رپيا لاٿ سان 1447 مان 1400 رپيا ٿي وئي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 20 پئسا واڌ سان 154.3 مان 154.5 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ هڪ رپيو اضافي سان 218 مان 219 رپين تي پهتو، ٻئي طرف يورو پڻ هڪ رپئي جي واڌاري سان 187 مان 188 رپيا ٿي ويو