پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ لڳ وڏا ماڇيون ۾ نينگر سان مبينا طور اجتماعي بدفعلي بعد جهيڙي وارو مامرو: نينگر جي وارث عورتن ۽ مردن خيرپور پيرجوڳوٺ روڊ تي پير سيد غفار شاھ جيلاني درگاھ وٽ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.مسمات ضميران، آمنه، حسينه، ممتاز خاتون، علي حر، ضمير علي، راجا جاگيراڻي صحافين کي ٻڌايو ته پاٽو جاگيراڻي سميت ٽن جوابدارن نينگر واجد پٽ ممتاز علي جاگيراڻي کي حوس جو نشانو بڻايو، اين سي وڏا ماڇيون ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي، ڪوبه جوابدار گرفتار ناهي ٿيو. هنن الزام لڳايو ته ڏوهاري حبدار، امين جاگيراڻي، مجاهد، محمد علي ۽ شڪيل گهرن تي فائرنگ ڪئي، نوٽيس وٺي نينگر سان زيادتي ڪيس ۽ گھرن تي حملي ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف الزام هيٺ آيل ڌر جي ماڻهن مولوي غلام سرور ۽ محمد علي جاگيراڻي چيو ته اسان مٿان ڄاڻايل ماڻهو نينگر ماجد سان زيادتي جو ڪوڙو الزام ھڻي رهيا آهن