پنو عاقل: 17 سالن کان جهيڙيندڙ مهيسرن جي خوني تڪرار جو جرڳو

0
254
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

پنو عاقل (ن پ ا) پني عاقل ڀرسان 17 سالن کان جهيڙيندڙ مهيسرن جي خوني تڪرار جو عادلپور ۾ جرڳو ٿيو،4 خون ۽ زخمي ثابت ٿيڻ تي هڪ ڌر مٿان 96 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ڳوٺ ملاعلي مهيسر ۾ 17 سالن کان علي حسن مهيسر ۽ الهه بخش مهيسر جي ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ هو، ڌرين جو عادلپور ۾ انور خان شاهاڻي جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿيو، مهيسرن جا چڱا مڙس ڊاڪٽر غلام محمد مهيسر ۽ لياقت خان مهيسر به شريڪ ٿيا، جرڳي ۾ علي حسن واري ڌر تي 4 قتل ۽ زخمي ثابت ٿيا جنهن جو 96 لک ڏنڊ رکيو ويو، جنهن جو مهيسر برادري جي ماڻهن پاران تصديق ڪئي وئي، جڏهن ته متاثر الهه بخش مهيسر سان به رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن فون نه کنئي….