پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي دادلوءِ قومي شاهراهه تي تيز رفتار مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ ڪري ست ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن کي طبي امداد لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ شاهه محمد پھوڙ، مائي منظوران، رشيدان، خان محمد، منور علي، ذوالفقار، اسد ڊومڪي ۽ ٻيا شامل آھن زخمين کي تعلقي اسپتال پنوعاقل ۾ علاج ڏني وئي ، دادلوءِ پوليس موجب حادثو تيز رفتاري سبب مسافر ويگن جو ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب پيش آيو آھي .