رهڙڪي (ن پ ا) رهڙڪي ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، لٺيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا ٻه ماڻهو مکڻو شر ۽ علي گل شر زخمي ٿي پيا. مکڻو شر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته زميني تڪرار اسان جي سئوٽن سان هلندڙ آهي. هن چيو ته علي گل شر ۽ موچارو شر ڪڻڪ جي ديري کي باھ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تان جهيڙو ٿيو ۽ باھ سبب اسان جي ڪجهه ڪڻڪ سڙي وئي آهي، وڌيڪ ٻڌايو ته اسان غريب مسڪين ماڻهو آهيون.انصاف ڏياريو وڃي.