پنهنجي عهدي دوران مجبوري ۾ فيصلا ڪيا: چوڌري سرور

0
215
پنهنجي عهدي دوران
پنهنجي عهدي دوران مجبوري ۾ فيصلا ڪيا: چوڌري سرور

ڪراچي: پنجاب جي اڳوڻي گورنر چوڌري سرور جو چوڻ آھي تھ پرويز الاهي چئي رهيو هو ته اسيمبلي جو اجلاس فوري طلب ڪريان، وڏي وزير جي استعيفيٰ منظور ئي نه ٿي هئي ته اجلاس ڪيئن گهرايان؟

پنجاب جي هٽايل گورنر چوڌري سرور طرفان پي ٽي آءِ تي تنقيد وار ڪيا ويا آھن، پريس ڪانفرنس دوران چوڌري سرور چيو ته پنهنجي عهدي دوران مجبوري ۾ فيصلا ڪيا، ٽن سالن کان ايڏو ته بي اختيار هئس جو ٻڌائي نٿو سگهان

ھن چيو تھ جيئڻ ۽ مرڻ پاڪستان سان آهي، هتي رهي سياست ڪندس، ورڪرز ۽ همدردن سان صلاه مشورن بعد سياسي حڪمت عملي جو اعلان ڪندس

ٻئي پاسي چوڌري پرويز الاھي چيو آھي تھ چوڌري سرور ڀاءُ آهي، اُن جي باري ۾ ڪجهه نه چوندس، هو ٽن سالن تائين گورنر رهيو، کيس وڌيڪ ڇا گهرجي؟

 پنجاب ۾ وڏ وزارت لاءِ پي ٽي آءِ جي نامزد اُميدوار پرويز الاهي چيو آهي ته گهربل ووٽ نه هجڻ سبب نواز ليگ وارن ايوان ۾ ماحول خراب ٿيو، جهيڙي سبب اجلاس ملتوي ڪيو، عليم خان ۽ جهانگير ترين فارغ ٿي ويا آهن، نواز ليگ کي به سمجهه ۾ اچي ويو ته اهي ٻئي ايندر چونڊن ۾ نه هوندا

ھي به پڙھندا

حڪومت پنجاب جي گورنر چوڌري سرور کي برطرف ڪري ڇڏيو