آسٽريليا وومين ڪرڪيٽ ٽيم عالمي چيمپئن بڻجي وئي، ورلڊڪپ فائنل ۾ روايتي مخالف انگلينڊ کي شڪست

0
374

ڪرائسٽ چرچ (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ 2022ع کٽي ورتو آهي. فائنل ۾ آسٽريليا جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ جي ٽيم کي 71 رنسن تان شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ جو ٽائيٽ پنهنجي نالي ڪري ڇڏيو

وومين ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ آسٽريليا جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 357 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جڏهن ته انگلينڊ جي ٽيم 43.3 اوورن ۾ 285 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي

انگلينڊ پاران نيٽ اسڪي ور 148 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي پر پنهنجي ٽيم کي شڪست کان بچائي نه سگهي، سندس ٽيم جون باقي رانديگرياڻيون وقفي وقفي سان آئوٽ ٿينديون رهيون. آسٽريليا پاران اوپننگ بيٽسمين باز اليسا هيلي 170 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ريچل هائنس 68 ۽ بيٿ موني 62 رنز ٺاهيون

  آسٽريليا جي رانديگرياڻي اليسا هيلي کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو جڏهن پليئر آف دي سيريز جو ايوارڊ پڻ اليسا هيلي جي نالي رهيو