پنهنجو ڪرڪيٽر آل رائونڊر الطاف شيخ- گلين ميڪسويل

0
315

چڪ واسي نوجوان آل رائونڊر الطاف شيخ جنهن نه صرف ملڪي سطح جي مقابلن ۾ پاڻ مڃرايو آهي پر پي ايس ايل جي ٽين چوٿين ايڊيشن لاءِ ٽرائل به ڏنو پر بدقسمتي سان کيس رجيڪٽ ڪيو ويو. الطاف شيخ شڪارپور کان علاوه سکر، حيدرآباد، لاڙڪاڻي ريجن جو تمام نالو آهي. موقعو ملڻ تي وڏو نالو ڪمائي سگهي ٿو. الطاف شيخ گذريل مهيني ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ٽن رائونڊن ۾ لڳاتار 3 سنچريون اسڪور ڪيون جنهن تي کيس مين آف دي ميچ ۽ مين آف دي سيريز قرار ڏنو ويو، الطاف شيخ کي نيشنل ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏڻ جو موقعو ڏنو وڃي. الطاف شيخ کي مختلف طريقن جي اسٽائلش بيٽنگ سبب گلين ميڪسويل ۽ بهترين سوئپ هٽ ۽ اسڪوپ شاٽن سبب ڊيوڊ وارنر سان تشبيهه ڏني ويندي آهي.
(آزاد انور مهر جو واٽس ايپ ميسيج)