تعليم طرف اسان جي غيرسنجيدگي!

(قسط پھرين)

تعليم ھر انسان جو بنيادي حق آهي پر انتھائي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ھن 21ھين صدي جنهن ۾ دنيا نواڻ جي بلندين تي پھتل آهي، اتي اسان وٽ تعليمي صورتحال انتھائي ڳڻتي جوڳي آهي، نه رڳو ڳڻتي جوڳي پر تعليم طرف پاڻ سڀني سميت پنھنجي حڪومتن جي غيرسنجيدگي سبب ايندڙ ڪيئي صديون پاڻ پنهنجو مستقبل اونداھين ۾ غرق ٿيندي اکين سان ڏسون پيا. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ اندر اڄ به کوڙ سارا 7،8 سئو جي آدمشماري تي ٻڌل ڳوٺ موجود آهن، جتي سالن کان پرائمري اسڪول به بند پيل آهن. اسڪولن ۾ تدريسي عمل سالن کان نه ھلڻ سبب يا ته اسڪولن ۾ مينهن جا واڙا قائم ٿيل آھن يا وري اتان جي ئي رھواسين اسڪول کلڻ جو آسرو پلي اسڪول جي عمارتن ۾ رھائش اختيار ڪري ڇڏي آهي. نتيجتن سوين ماڻهن جي آدمشماري تي ٻڌل ڳوٺن ۾ توھان کي ھڪ شخص به گريجوئيٽ نه ملندو. ڪيڏي نه افسوس جھڙي ڳالهه آهي ۽ وري ان ۾ اتان جي رھواسين جي پنهنجي روشن مستقبل بابت سنجيدگيءَ جو مظاھرو ان عمل مان لڳائي سگھون ٿا ته اسڪول بند ٿيڻ جي صورت ۾ اسڪول کولرائڻ لاءِ دانهن ڪوڪ ڪرڻ بدران ويتر اسڪول جي عمارت ۾ رھائش اختيار ڪري ڇڏجي. ان مان مراد حڪومت تي معيار ڏيڻ کان پھرين ته پنهنجي اندر ۾ جھاتي پايون ته پاڻ کي اسڪول ۾ پنھنجا ٻار پڙھندي ڏسڻا آھن يا ان ۾ مينهن جو واڙو؟ باقي ھن نواڻ سان ڀرپور دور ۾ به جيڪڏھن سالن کان ڪو اسڪول بند ھجي ۽ تعليم کاتي جي لاڳاپيل عملدارن کي ڪا سڌ ئي نه ھجي ته اھو ناممڪن آهي اھڙن ظاھري طور بند پيل اسڪولن جا فنڊ به ايندا ھوندا ۽ کوڙ سارا اسڪول ممڪن آهي ته ڪاغذي ڪاررواين ۾ ھلندڙ به ھجن. باقي قوم جا ٻار پڙھن نه پڙھن ان سان حڪمرانن جو ڇا؟ انهن جي ٻارن لاءِ ته دنيا جا ڀلوڙ تعليمي ادارا، مھانگيون ترين درسگاھون موجود آهن جتي حڪمران قوم جي معصوم ٻارن جي ويھڻ لاءِ بينچن، پيئڻ جي پاڻي وارن واٽر ڪولرن لاءِ جاري ٿيندڙ فنڊن ۾ به گھوٻيون ھڻي انهن پئسن تي پنهنجي ٻارن کي ٻاھرين ملڪن ۾ پڙھائين پيا. باقي پنهنجي علائقي، ڳوٺ جو اسڪول کي تالو لڳو چڱو! متان ڪو ھاري، غريب، مسڪين جو ٻار ٻه اکر پڙھي اچي ڳوٺ جي چڱي مڙس (رڳو ماروئڙن جو مال کائڻ ۾ چڱا مڙس) سان ڪنڌ مٿي ڪري ڳالھائڻ جي جرئت ڪري. (ھلندڙ) آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

رامجي ڪولھي ڌاڙيل!

پراڻي ڳالھ آ جڏهن ڌاڙيلن جو عروج هوندو هو، چڱا ڀلا ڀوتار، وڏيرا، زميندار خاص ڪري رامجي ڪولهي جي چٺي پهچڻ تي سندن هوا نڪري ويندي هئي، خاص ڪري چينين جي مغز ۾ رامجي ڪولهي ڌاڙيل گهر ڪري ويو هو. اهو دور 85ع کان 95ع تائين جي عروج تي هليو هو. رامجي ڪولهي کي 1991ع ۾  رينجرز شازس تحت 32 ميل موري لڳ ڪولهين جي گهرن ۾ ماريو هو. رامجي ڪولهي ڪي جي ايم ڪوٽ غلام محمد لڳ هڪ پنجابي چوڌري جي زمين تي هارپو ڪندو هو. چوڌري زميندار ڪنهن ڪوڙي چوريءَ جي ڪيس ۾ کيس چالان ڪرايو هو، پوءِ پوليس کي بهانو ملي ويو، چور ڇڏي رامجي ڪولهي اندر. نيٺ تنگ  ٿي رامجي ڪولهي ڌاڙيل ٿي ويو. هن جي ٽولي ۾ سچا ساٿي چار پنج هئا، جن رامجي ڪولهي کي اڳوان مقرر ڪيو. رامجي ڪولهي جي ڌاڙيل جي ٽوليءَ چيني ماريا ۽ ڪجھه زخمي به ڪيا، کين اغوا به ڪيو. انهي وقت ڀوتار زميندارن تي رامجي ڪولهي جي چٺي ويندي هئي ته راڊو واچون، بوسڪي جا پٽڪا، گولڊ ليف سگريٽ ۽ ٻيو ڪافي سامان روڪ رقم رامجي ڌاڙيل کي گهر ويٺي ملندا هئا. سنڌ ۾ ڌاڙيل پرو چانڊيو کان پوءِ رامجي ڪولهي ڌاڙيل جو نالو گونجڻ لڳو هو. نيٺ سو ڏينهن پورا ٿيڻ تي هو مارجي ويو پر سرڪاري ۽ پراڻن زميندارن ماڻھن ۾ سندس نالو اڄ به مشھور آھي.

ڊاڪٽر راجو ٺاڪر/ٿرپارڪر

پاڪستان خداداد صلاحيتن

۽ نعمتن وارو ملڪ آ!

دنيا جي جڏهن به بين الاقوامي اٿل پٿل ٿئي ٿي ته اتي اسان جي ملڪ ۽ اسان جي ملڪي سلامتي جي ادارن جي ڳالھ هلندي آھي، سعودي کان يمن جي معاملن تي دنيا ڳالهائي ته اسان به زير بحث ايندا آھيون، ڪشمير ۽ افغانستان جي صورتحال تي بين الاقوامي ادارا ۽ ادارن جا سربراهه ڳالهيون ڪن ته ڀل ڪن پر انهن اڪيلائيءَ وارين ڳالهين کان ويندي اجتماعي انٽرنيشنل ڊائلاگ جي پسمنظر توڙي پيش منظر ۾ پاڪستان جي جغرافيه ۽ سلامتي جي ادارن تي ضرور ڳالهايو به ويندو آھي ۽ ان حوالي سان پاڪستان يا ان جي سربراهن ۽ سلامتي ادارن جي اڳواڻن جو هجڻ انهن ڳالهين ۾ ضروري سمجهيو ويندو آھي. اسان پنهنجي خطي ۽ پنهنجي سلامتيءَ واري پسمنظر ۾ هڪ جرئتمند تاريخ رکون ٿا. هن ايشيائي خطي ۾ توڙي خليجي ملڪن کان ويندي انٽرنيشنل فورمن ۽ توڙي معاملن ۾ پاڪستان کي جغرافيائي پسمنظر ۾ ضرور اهميت ملندي پڻ آھي. ان جو وڏي ۾ وڏو سبب اسان جي سلامتي جي ادارن جي پنهنجي تاريخي ساک کان ويندي ملڪي جغرافيائي جيڪا ڦيرڦار آھي يا حد يا جغرافيائي بيهڪ اها بين الااقوامي لنگهن کي هر محاذ تي مجبور ڪري رهي آھي، جنهن کي ان ڳالھ کي خدا تعاليٰ جي ڪنهن به نعمت کان گهٽ نه سمجهڻ کپي. ان ڪري اسان سمجهون ٿا ته ڏيهي توڙي پرڏيهي معاملن ۾ اسان ايترا ڪمزور ڪو نه آھيون جو اسان جو مخالف اهو پاڙيسري ايشائي هجي يا يورپي پر مخالفت ۽ دشمني ڪندي اسان جي هٿياربند توڙي مضبوط تاريخي سلامتيءَ وارو ڪردار ۽ ليڊرشپ سپهه سالارن کي سمجهي پوءِ ئي اڳتي ايندو. هن وقت به پاڪستان جتي ڏيهي توڙي پرڏيهي معاملن واري پسمنظر مان گذري رهيو آھي ۽ اسان کي يقين آھي ته پاڪستان سان علائقائي ايٽمي طاقت طور، مذھب اسلام جي بنياد کان ويندي مسلم امه ۾ طاقتور فوجي قوت ۽ بهتر ليڊرشپ جي بنياد تي بين الاقوامي فورمن تي متڀيد وارو روويو رکيو ويندو آھي ۽ اتي به اسان جا پاڙسري ملڪ مخالف ملڪ اتي اجائي پروپيگنڊا ڪندا آھن ۽ ان حوالي سان اسان جا سياسي ڪردار به استعمال ٿيندا رهيا آھن ۽ ڪجهه اسلام دشمن به. اسان بحيثيت مسلمان ملڪ ۽ اسلام پسند ملڪ طور دنيا ۾ پنهنجي هڪ سڃاڻپ رکون ٿا، ان جو بنيادي نقطو طاقتور سلامتيءَ وارو ادارو ۽ هٿياربند طاقت واري ملڪ طور مشهور آھيون. اسان جا جيڪي به سپھ سالار رهيا آھن انهن جو پنهنجو تاريخي ڪردار رهيو آھي. موجودهه سپه سالار به انهن تاريخي ڪردارن مان ھڪ آھي. علائقائي توڙي بين الاقوامي فورمن تي هاڻي به اسان وٽ جيڪا سياسي توڙي پارلياماني ڄنڊاپٽ آھي ۽ جنهن ڪري ملڪ ۾ هڪ مهانگائيءَ جو طوفان اهڙو ته معاشي راڪاس گهمايو آھي جو عوامي ويساهه سياسي ليڊرشپ تان ڄڻ ته ارواهه کڻائي ڇڏيو آھي.

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

پڇون آخر ڪنھن کان، اسان جو ڏوھه ڪھڙو آ؟‎‎

نااھل سنڌ حڪومت پاران ضلعي خيرپور کي ڏاج طور ڏنل نابالغ ڪرپٽ ڪاموري DC خيرپور شرجيل چنا ۽ بدنام زمانا ڌاڙيل ڪامورو PD ايريگيشن اسڪارپ کاتو خيرپور محمد حيات شيخ جي نااھلي، ڪرپشن ۽ بدنيتي تعلقي ميرواھ جي عوام کي برسات واري پاڻيءَ ۾ ٻوڙڻ کان پوءِ ھڪ منتظم سازش تحت تعلقي جي اوڀر ۽ اولھ طرف جي عوام کي پاڻ ۾ ويڙهائي برسات ۽ ھٿرادو ٻوڏ جو 8 مھينن کان بيٺل پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ مليل اربين رپين جي امداد ڦٻائڻ لاءِ ڌاڙيل ڪامورن پاران بنا ڪنھن ٽينڊر ورڪ آرڊر ۽ اسٽيميٽ ظاھر ڪرڻ جي پنھنجي ھڪ ھٿ ٺوڪئي ٺيڪيدار نثار احمد شيخ کي ٺيڪو ڏئي علي بهرواھ جي انڊر گرائونڊ 6/6 فوٽ سائيفن (نول) وجھي تعلقي جي اوڀر طرف برسات وارو 14 فوٽ بيٺل پاڻي بغير ڪنھن پاڻي ڪو سم نالو کوٽائي ڪرڻ جي اولھ طرف نيڪال ڪرائي. جڏھن ته اولھ طرف واري سائيڊ تي ھن وقت به 8 کان 12 فوٽ برسات جو پاڻي بيٺل آھي جنھن ۾ گذريل 8 مھينن کان سوين ڳوٺن جا ھزارين خاندان پاڻي ۾ ٻڏل آھن، جيڪي بنا ڪنھن سرڪاري ۽ رياستي امداد جي کلئي آسمان ھيٺ لاوارث عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن، پر ڄاڻايل ڪرپٽ ڌاڙيلن جو ٽولو ھڪ ڀيرو ٻيھر سرگرم ٿي برساتي پاڻي نيڪال جي نالي تي آيل اربين رپين جي امداد ڦٻائڻ لاءِ تعلقي جي مسڪين ماروئڙن کي پاڻ ۾ ويڙهائي، رتوڇاڻ ڪرائڻ چاھين ٿا. تعلقي جو عوام سوال ڪري ٿو ته آخر سنڌ جو وڏي ۾ وڏي آبادي وارو ضلعي کي ڌاڙيل ڪامورن جي رحم واري ڪرم تي ڇو ڇڏيو ويو آھي؟ تعلقي جو عوام رياست جي اڇي ڪاري جي مالڪن کان سوال ڪري ٿو آخر ٺيڪيدار نثار شيخ ڪھڙي بلا آھي؟ جيڪو بنا ڪنھن پيشگي ٽينڊر، ورڪ آرڊر ۽ اسٽيميٽ جي علي بهر واھ جي انڊر گرائونڊ غيرقانوني طور سائيفن لڳرائي تعلقي جي عوام کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ٻوڙڻ جو پلان کڻي پھتو آھي، آخر ھن معاملي جي جاچ ڪير ڪندو؟ چونڊيل نمائيندا، ڪامورا شاھي، عدالتون، پاڪ فوج يا ٻي ڪا مخلوق؟

مطلوب احمد جوڳي/ ٺري ميرواھه

لفظن جو استعمال!‎‎

ٻولين ۾ ڪيترائي لفظ ھوندا آهن، ھر لفظ جي پنھنجي پنھنجي تاثير ھوندي آھي. ھر زبان ۾ گارين وارا لفظ پڻ ھجن ٿا. ماڻھو پنھنجي ڪاوڙ جي اظھار يا ھجت طور گاريون ڏيندا آهن. ڪن ماڻھن کان ڪنھن اڻ وڻندڙ واقعي تي غير مهذب لفظ ادا ٿي ويندا آھن. ڪي ماڻھو گھٽ ته ڪي وڌيڪ  اڻ وڻندڙ لفظن جو استعمال ڪندا آھن. يقينن ڪي اھڙا ماڻھو به ھوندا آھن جيڪي گاريون نه ڏين پر گھڻائي اھڙن جي آھي جن کي گاريون ڏيڻ سان تسڪين ملندي آهي.گارين وارن لفظن ۾ به وقت به وقت ترقي ڪئي آهي، ڪنھن دور ۾ ڪنھن کي چئبو ھو ھل ڙي بي ايمان يا ڪنھن جانور جو نالو مٿس رکبو ته به سامھون واري لاءِ وڏي شرمندگيءَ جو سبب هوندو هو. ماڻھو وڙھڻ لاءِ اچي ويندا هئا. ھاڻ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ماڻھو مذاق کل ڀوڳ مان ھڪ ٻئي کي انتھائي غليض لفظن واريون گاريون پيا ڏيندا آهن. آمھون سامھون ڏند ڪڍي مقابلي طور وڌيڪ گندي گار جو استعمال ڪندا آهن. چوندا آھن ته اسين حجتي آھيون. اھا ڪھڙي حجت آھي جنھن ۾ ماءُ، ڀيڻ يا زال کي گاريون لاءِ موزون سمجھجي؟ حيف ھجي اھڙن ماڻھن جي سوچ تي، مھذب سماج ۾ گار کي انتھائي بدتھذيب عادت سمجھيو ويندو آھي. پارلياماني ٻولي ڳالھائي اھو مفروضو پراڻو ٿي ويو ڇو ته پارليامينٽ ۾ ڪيترائي بدزبان چونڊجي اچن ٿا، جيڪي پڻ ھيڏي وڏي فورم تي بيھي گاريون به ڏيندا آھن، گاريون کائيندا به آھن. ھر طبقي ۾ گار عام ٿي وئي آھي. اخلاق جو درس ڏيندڙ ڪجھ علمي ماڻھو به جاھلن جيان ساڳئي روش رکيو اچن، ڪجھ صاحب تقريرون ۾ ايتريون گارين جو استعمال ڪندا آهن جو سندن تقرير ننڍڙن ٻارڙن يا گھر ۾ ٻڌڻ جھڙيون ناھن ھونديون. ڪيترائي مائٽ پنھنجن ٻچڙن کي ڪاوڙ مان گاريون ڏئي کين گارير بڻائيندا آھن، وري کين موٽ ۾ ٻچڙن کان ساڳئي ورندي ملندي آهي ته ڏک پيا ڪندا آھن. سٺن لفظن جو استعمال ڪجي گاريون ڏيندڙ پنھنجي زبان جي ڪري ھر جاءِ تي پشيمان ٿيندو آهي. تنھن ڪري پنھنجي زبان کي شاستگي وارن لفظن تي ھيرايو جيئن نفرتن جو انت اچي اھي ماڻھو ڪيڏا نه پيارا خوبصورت ھوندا آھن جن جي دلين ۾ ڪنھن جي لاءِ حسد، بغض، ڪينو نه ھوندو آھي. محبت، شفقت ۽ خير جا جذبات ھوندا آھن. اھڙا ماڻھو تمام قيمتي پنھنجن پراون لاءِ سڪون آفيت جو سبب ھوندا آھن. پنھجي سوچ کي سھڻو بڻايو جيئن اوهان جي زبان غلط لفظن جي چونڊ نه ڪري.

الھڏنو راھمون/ سجاول

معذورن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارو!

هونئن ته کوڙ سارا ادار ڪم ڪن ٿا پر معذور ماڻھن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا تمام گهٽ آهن، معذورن لاءِ سرڪاري سطح تي خيرپور ضلعي ۾ هڪ اسڪول آهي جيڪو ڪم ڪري رهيو آهي، اهڙا ادارا هر تعلقي سطح تي هجڻ گهرجن، جيئن هن معاشري ۾ معذورن کي به پنهنجا حق ملي سگهن. ان سلسلي ۾ گمبٽ ۾ دي  لائيف چينجنگ فائونڊيشن هڪ ادارو پنهنجي وس آهر معذورن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو هڪ بهتر عمل آهي، معذوري انسان کي ماري ڇڏيندي آهي، دي لائيف چينجنگ فائونڊيشن گمبٽ ۾ هڪ ون ڊي ڪئمپ قائم ڪئي جنھن ۾ معذورن کي سرٽيفڪيٽ ۽ نادرا جا ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ اپاءَ ورتا، جتي ضلعي سطح تي نيروسرجن ڊاڪٽر اکين جا ڊاڪٽر سميت سڀ ڊاڪٽر به موجود هئا، جتي چڪاس ڪري انهن کي نادرا جا ڪارڊ جاري ڪيا ويا، معذورن کي ويل چيئر، اسٽڪ پڻ ڏنيون، جلد گمبٽ ۾ معذورن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ انهن کي هنر سيکارڻ لاءِ هڪ اسڪول پڻ قائم ڪيو ويندو، جيڪو سٺو عمل آهي. خيرپور ۾ دي لائيف چينجنگ فائونڊيشن پاران پڻ هڪ سيمينار منقعد ڪيو ويو، جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ظفر عباس عباسي هئا، سماجي اڳواڻ سيد سرڪار حسين شاھ لڪياري، پروفيسر نويد شيخ، ميڊم حنا شاھ، نويد پيرزاده، سماجي اڳواڻ عرض محمد جانوري، عمران سيال، ايڊوڪيٽ منظور لاڙڪ، سيده ميڊم مونا شاھ، ميڊم شائسته کوسو،  عبدالعلي سولنگي، سجاد پيرزاده، شرڪت اظهر ابڙو، ايڊوڪيٽ سجاد سولنگي، رضا راڄپر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. هنن چيو ته هن معاشري ۾ انسانن لاءِ ڪم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ان دور ۾ دي لائيف چينجنگ فائونڊيشن تنظيم معذورن لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. ان سميت مختلف تنظيمن سان گڏجي مختلف جڳھن تي سيمنيار منقعد ڪرڻ سجاڳي پيدا ڪرڻ هڪ سٺو عمل آهي. معذور به هن معاشري جا فرد آهن، انهن جو به ايترو حق آهي جيترو عام انسان جو، اسان کي گڏجي معذورن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجن، هنن جو ٻانھ ٻيلي ٿي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ گهرجي.

رضا راڄپر/ راڻيپور

پاڻي پاڻي پاڻي، اسان جو مطالبو اسان کي صرف پاڻي کپي!

ايم سي ٻولھاڙي جي ھٿرادو پاڻي جون لائينون ٽوڙي پاڻيءَ جھڙي نعمت کان محروم ڪيو ويو آهي، ٻيون سھولتون روڊ، رستا، سوريج ته اسان وٽ نه ھئڻ برابر آهن، ايم سي ٻولھاڙي جي عوام کي ٻين سھولتن کان پري رکيو ويو آهي پر ھاڻ پاڻ ميونسپل ڪاميٽي ٻولھاڙي جي آفيس مسئلن جي ور چڙهي وئي آهي، ايم سي ٻولھاڙي جنهن جي بجيٽ اڍائي کان ٽي ڪروڙ آهي پر پوءِ به ايم سي ٻولھاڙي جي ڀِت جيڪا 6 مھينن کان ڀڳل آهي، ان کي ٺھرائڻ لاءِ ايڊمنسٽريٽر تيار ناهي. ملازم پگھارن لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن، پاڻي جا ٽينڪٽر جيڪا نالي ماتر غريبن جي لاءِ ھئي ۽ پاڻي من پسندن کي ڏنو ويندو ھو، اڙي ٿڙي غريبن کي ڏيندا ھئا، اھي ٽريڪٽر به 3 مھينن کان وٺي بند آهن ۽ ھاڻ نئون تازو نادرا سرٽيفڪيٽ برانچ واري لنڪ بقايا ڄاڻائي بند ڪري ڇڏي آهي، ھاڻ عوام دربدر ٿي ويو آهي. سمجهه ۾ ڳالهه نٿي اچي ته ايم سي ٻولھاڙي کي ھٿ وٺي تباهه ڪرڻ جو مقصد ڪھڙو ۽ ڪنهن جو پلان آهي؟ اسين سمجهون ٿا ته ڪجهه بااثر چاھين ئي نٿا ته ھي علائقو آباد ٿئي، ھنن جو خيال آهي ته ايم سي ٻولھاڙي کي مسئلن جي ور چاڙھي ھتان جي عوام کي مجبور ڪيون جيئن ھو پنهنجون جگھون ڀگڙن مٺ کپائي ھليا وڃن. ذريعن موجب پلان تيار ٿيل آهي، ان لاءِ ھي اسان کي مسئلن جي ور چاڙھين ٿا، ايڊمنسٽريٽر به اھو مقرر ڪري ڏنو ويو آهي، جيڪو مسلسل ڪافي وقت کان آفيس ۾ اچي ئي نٿو، ايڊمنسٽريٽر سکر ۽ سي ايم او ڪراچي جو ان مان صاف ظاهر آهي ته ھي چونڊيل نمائندا توڙي ضلعي انتظاميا چاھن ئي نٿا ته ھاڻ اسين پنهنجي ادارن جي مالڪي پاڻ ڪنداسين. ڊي سي ڄامشورو ان معاملي تي چپ جو روزو رکي ويٺو آهي. ڊي سي صاحب کي درخواست ڏيڻ جي باوجود ڪا به تدارڪ ناهي ٿيو، پاڻي خدا طرفان نعمت آهي. اسين اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته ٻين سھولتن کان اسان وانجھيل آھيون ٻين سھولتن کان بغير گذارو ٿي ويندو پر پاڻي کان سواءِ نه، ان لاءِ صرف پاڻي جي لائينن ذريعي فراھم ڪيو، پاڻي جيڪا زندگي آهي، اسان کي اسان جي ڏني وڃي، ڇو جو پاڻي کان سوا ڪو به جاندار زندهه نٿو رھي سگهي.

عبدالستار لھر/ ٻولھاڙي

موري ۾ فراڊين جي گينگ کي گرفتار ڪريو!

مورو شهر سنڌ جو تاريخي شهر آھي پر اڄوڪي جديد دور ۾ ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺي مضبوط ٿيڻ جي ضرورت آھي ۽ ٽيڪنالاجي ئي نوجوانن لاءِ ۽ ملڪي معيشت لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي پر ان جو غلط استعمال ۽ ان جو ناجائز استعمال پڻ اوترو ئي نقصان ڏيندڙ آھي. موري شهر سان تعلق رکندڙ نصرت علي لغاري جيڪو سنڌ ۽ قومپرستيءَ کي ڍال بڻائي سنڌين کي جديد طريقن سان ڦرڻ جو فن ڄاڻي ٿو. يوٽيوب هجي يا ويب سائيٽ يا ان سان تعلق رکندڙ کوڙ ڪوڙا اڪائونٽ ڏئي هزارين رپيا ڦري رهيو آهي. هو پاڻ ڪجھ به ناهي ڪندو، موبائيل تي نوجوان سنڌي ڇوڪرن کي يوٽيوب ۽ ويب سائيٽ تان پئسن ڪمائڻ جا ڪوڙا خواب ڏيکاري سندس کيسو ٻهاري وڃي ٿو. هي نصرت لغاري صرف پاڻ هڪ نه آھي پر ان جي هڪ پوري گينگ آھي، هو پاڻ کي طاقتور ۽ بااثر سمجهي ٿو. مان اعليٰ اختيارين کان گهُر ٿو ڪريان ته ان نصرت علي ۽ ان جي مڪمل گينگ کي گرفتار ڪري سنڌي نوجوانن جي رُت پيئڻ کان روڪيو وڃي. غريب سنڌين جا پئسا انهن کي واپس ڪرايا وڃن، ماسٽر مائينڊ نصرت علي لغاري ۽ ان جي گينگ کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.

مير عقيل عباس ٽالپر/خيرپور

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

(حصو پهريون)

اڃا رات جا ڏهه ئي مس ٿيا هئا ته برسات وري شروع ٿي وئي ۽ عابد بسترو کڻي اندر مون واري بستري تي اچي ويو، ڪجھه دير اڳ ڏاهاڻي عابد جو مٿو ڪوڙيو هو، ان لاءِ ڏاهاڻي هر هر چئي رهيو هو ته تو وارو مٿو صفا سيوهڻ وارو روڊ لڳو پيو آهي ۽ عابد جواب ۾ ٽهڪ ڏئي کيس بُجا ڏئي رهيو هو، هو آزاديءَ جي باري ۾ ڪچهري ڪرڻ لڳا ۽ آئون سوچڻ لڳس ته آزاديءَ جي اميد انسان جي روح ڪيئن ڪيئن ٿي گرمائي. اُن ۾ شعلا ٿي ٻاري، تڏ جي ٽر ٽر ٻڌندي ان کي گڊ نائيٽ چيم جيڪو ستر مائرن کان به وڌيڪ مون کي محبت ڪندو آهي. ننڊ مان جاڳ جي وچين سفر ۾ هڪ ڪلام ذهن جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ سرگوشي ڪندو رهيو ۽ ڪنهن جي ياد ڏياريندو رهيو ته:

نصيب آ پنهنجو پنهنجو، لکيو آ جيڪو لوڙي ٿو،

ڪاش آئون هُن کي ٻڌي سگھان ها ته مون کي اڃا به ياد آهين.

صبح جو عابد کي اخبار جو مواد ڏنم، هُن چيو ته جي مون وارو وڪيل اڄ اچي ويو ته هي تو واري ڊائري حيدرآباد جي قيدي ايڊيٽر صاحب تائين رسي ويندي، هُن ڪجھه سوچڻ کان پوءِ چيو ته جي هي مواد مون کان جھڙتيءَ دوران نڪري ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ منهنجي بجاءِ ڏاهاڻيءَ هُن کي جواب ڏنو ته پوءِ بُوٽ کائيندين. عابد مرڪندي چيو ته ڀائو آصف لاءِ ڦاهي به چڙهي سگھان ٿو، لانگ بوٽن جا ٿڏا ڪهڙي شيءِ آهن؟ عابد جو اهو جواب ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي. اڄ صبح کان آسمان تي بادل ڇانيل آهن. اڇا اڇا ڪپهه جھڙا بادل حيدرآباد جي نيري آڪاس تي ڏاڍا وڻندڙ ٿا لڳن، ڪڏهن ڪڏهن هلڪي بوند پوي ٿي، بوندا باندي بند ٿئي ٿي ته ڪيئين جھرڪيون، ڪٻريون، ڪانگ ۽ ڪبوتر اڱڻ جي ڀتين تي اچي ويهن ٿا ۽ پنهنجون پنهنجونلاتيون لنون ٿا. چانهه سان گڏ جبرافين سو به عربي ۾ ٻڏو جيڪو ڏاڍو دلفريب محسوس ٿيو. راڳ جي ڪا به زبان ۽ سرحد ناهي هوندي. هي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اسان کي جھومائي وجھي ٿو پر شرط اهو آهي ته اهو راڳ ئي هجي ڪو گٽر نه! (جاري)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد