هلندڙ ڦِرندڙ بارودي سُرنگون

0
116
اربنائيزيشن جو اجگر ۽ وجود وڃائيندڙ ڪراچيءَ جا قديم ڳوٺ

لهواري لوڪ ۾ اسان اوڀارا آهيون. اسان دنيا جا نرالا ماڻهو آهيون، اهو ان ڪري، جو دنيا ۾ صحت ۽ سگهائيءَ جا هڪڙا معيار آهن، پر اسان جا معيار ۽ انداز ئي “اور” ۽ دنيا کان ڌار آهن. سنڌ ۾ جسماني بيمارين جي علاج لاءِ به سهولتون پوريون ساريون آهن، ٻهراڙين جي سطح تائين ته ذهني ۽ نفسياتي بيمارين جو علاج خواب بڻيل آهي. سرڪاري اسپتالن ۾ ڪواليفائيڊ ڊاڪٽرن جو وڏو تعداد ٻهراڙين ۾ پنهنجون ڊيوٽيون ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، سڄي سنڌ عطائي “ڊاڪٽرن” جي حوالي ڪيل آهي. ڪو ماڻهو گهڻو بيمار ٿئي ٿو ته جسماني بيمارين جي علاج لاءِ ڪنهن ڊاڪٽر ڏانهن وڃڻ جي ضرورت محسوس ڪندو آهي، پر ذهني ۽ نفسياتي بيمارين کي اسان وٽ بيماري ئي نه سمجهيو ويندو آهي. ڪنهن ذهني ۽ نفسياتي بيماريءَ ۾ غير معمولي شدت کان پوءِ وڌ ۾ وڌ اهو ٿيندو آهي ته، ذهني مريض کي ڪنهن نقلي عامل يا ڀوپي جي دوکي جي دڪان تائين پهچايو ويندو آهي، جيڪو ان جو اڳوڻو سوجهرو به چٽ ڪري ڇڏيندو آهي. سماج ۾ اهڙا ذهني ۽ نفسياتي مريض هلندڙ ڦِرندڙ بارودي سرنگون آهن، جيڪي ڪنهن جذباتي ڇهاءَ سان ڦاٽي ٿا پون ۽ وڏو نقصان ڪن ٿا، جيئن جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ دادپور جاگير ۾ ٿيو آهي، جتي پيءُ دلي جان عرف ڪيشو جکراڻي پنھنجي ٻن معصوم پٽن کي سروٽا هڻڻ بعد ڇرين جا واري ڪري ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو. معصوم پٽن کي قتل ڪندڙ شخص جي باري ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته هو ذهني مريض هو ۽ ان جو علاج به هلندڙ هو.

اسان وٽ ذهني بيمارين جي حوالي سان آگاهي نه هجڻ جي ڪري ذهني ۽ نفسياتي بيمارين جي ڊاڪٽر کي “چرين جو ڊاڪٽر” ۽ اهڙي اسپتال کي “چرين جي اسپتال” سڏيو وڃي ٿو. مطلب ته ذهني ۽ نفسياتي مريض کي اسان جي سماج ۾ “چريو” سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان رويي جي ڪري ئي نفسياتي ۽ ذهني مريض نه علاج لاءِ آماده ٿين ٿا ۽ نه ئي اهڙي ڪنهن بيماريءَ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن. ذهني ۽ نفسياتي بيمارين کي ايستائين لڪايو ويندو آهي، جيستائين اهي وڌي وڻ نه ٿين ۽ اهو مريض پنهنجي گهر وارن توڙي اوڙي پاڙي لاءِ خطرو نه بڻجي. ان سڄي المئي جو وڏو سبب ذهني ۽ نفسياتي بيمارين جي حوالي سان آگاهي نه هجڻ ۽ سرڪاري سطح تي ذهني ۽ نفسياتي بيمارين جي علاج جون گهٽ سهولتون هجڻ آهي.

پڙهندڙن کي ياد هوندو ته هڪ شخص وهب الله هاليجي شريف ڀرسان پنهنجي زال، پٽن ۽ نياڻيءَ سميت 9 گهر ڀاتين کي قتل ڪيو هو. توڙي جو اوڙي پاڙي سميت سڀني کي خبر هئي ته هو ذهني مريض آهي ۽ ڪنهن به وقت ڪو وڏو نقصان ڪري سگهي ٿو. ان سان ميل کائيندڙ ڪيترائي واقعا وقت به وقت رپورٽ ٿيندا رهن ٿا پر اهڙن هلندڙ ڦِرندڙ بارودي سرنگن جهڙن ذهني ۽ نفسياتي مريضن کي علاج لاءِ اسپتالن ۾ نٿو پهچايو وڃي. ڇيهه ۾ ڇيهه اهو ته انهن مريضن کي ڪنهن درگاهه تي زنجيرن سان ٻڌي ايندا آهن يا وري ڪنهن نقلي عامل ۽ ڀوپي جي حرفتي هَٽَ تي پاڻ لُٽائڻ لاءِ هليا ويندا آهن. اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته نفسياتي ۽ ذهني بيمارين بابت سماج ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وڃي. اهو ڪم نه صرف سرڪاري سطح تي ٿيڻ گهرجي پر غير سرڪاري تنظيمن ۽ سول سوسائٽيءَ کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجن. حڪومت کي به نقلي عاملن ۽ ڀوپن جا حرفتي هَٽَ ۽ دوکي جا دڪان بند ڪرائڻ لاءِ ترت تحرڪ وٺڻ گهرجي، جتي ويساهه وسوڙيل ماڻهن کي ڦُريو ۽ لُٽيو وڃي ٿو. سرڪاري سطح تي نفسياتي ۽ ذهني بيمارين جي علاج جي سهولتن کي وسعت ڏيڻي پوندي. حڪومت کي گهرجي ته تعلقي سطح جي اسپتالن تائين نفسياتي ۽ ذهني بيمارين جي علاج جون سهولتون ڏنيون وڃن، جنهن کي پوءِ ديهي صحت مرڪزن تائين وڌايو وڃي.