مولانا مولوي حاجي پير محمد قريشي صديقي … ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي

0
202

  سنڌ جي سرزمين تي لاڙڪاڻو ضلعو اهڙو خطو آهي، جنهن جي تهذيب ۽ تمدن کي هرڪو ساراهي ۽ ياد ڪري ٿو. سنڌ جي 5 ھزار سال تاريخ لاڙڪاڻي جي موهن جي دڙي مان ظاهر آهي. لاڙڪاڻي هر دور ۾ اهڙا ته اَملھه ماڻڪ شخص پيدا ڪيا آهن، جن محبت، محنت ۽ ڪردار جي ڪري دنيا ۾ مشهوري ماڻي آهي. سياست هجي يا صحافت، تعمير هجي يا حڪمت ديني علم هجي يا دنيوي ۽ عدالت هجي يا وڪالت وغيره. مطلب ته هر ميدان ۾ لاڙڪاڻي کي سرسي حاصل آهي. ڇو ته لاڙڪاڻي هر وقت سياستدان، جنگي جوڌا، بهادر، بادشاھ، وڪيل، سماجي ڪارڪن، تعليمدان، تاريخدان، ڪرامت ۽ عرفان جا صاحب، عالم ۽ فاضل شاعر ۽ اديب پيدا ڪيا آهن. اهڙو سلسلو اڃا تائين جاري و ساري آهي. لاڙڪاڻي جي ناميارن عالمن ته ڇا پر سنڌ جي برک ۽ جيد عالمن جي پهرين قطار ۾ شامل مولوي حاجي پير محمد قريشي صديقيءَ جي ولادت 1237ھ مطابق 1822ع ۾ ڳوٺ جوڻاڻي شريف تعلقي وارھ ۾ ٿي. سندس والد جو نالو محمد جيئند هو. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي طبيعت جو ذڪي، ذھين ۽ هوشيار هوندو هو، جو اڳتي هلي متبحر عالم ۽ ڪرامت جو صاحب ٿيو.

عام طور تي مشھور آھي ته حاجي پير محمد ٻاراڻي وهيءَ ۾ ڳَئون چاريندو هو. ٿورو ٿڪو چٽساليءَ جو ڪم به ڪندو هو. هڪ ڏينهن هڪ لٺ ٺاهي، چِٽي تيار ڪري ڪنهن دوست کي سوکڙي ڪري ڏنائون. سندس دوست اها لٺ کڻي وڃي ميان حامد حضوري (1798ع/1873ع)ميروخان واري وٽ مهمان ٿيو. جنهن لٺ کي ڏسندي ئي فرمايو ته “هيءُ ڪو عالم، ڪامل ۽ ڪرامت جو صاحب ٿو ڏسجي”. ميان حامد حضوري اهل دل، درويش صفت ۽ ڪرامت جو مالڪ هو،جنهن جي دعا رب العزت جي بارگاھ ۾ اَگهاڻي. اڳتي هلي ٿيو به ايئن! جو پير محمد مال کي الوداع چئي علم حاصل ڪرڻ لاءِ نڪري پيو. اهڙيءَ ريت پيرمحمد برک ۽ جيد عالم  ۽ ڪرامت جو صاحب ٿيو ۽ مشهوري ماڻيائين.مولوي حاجي پير محمد بُت ۾ ڀريل ۽ سَڪمو، قد ۾ ڊگهو پر پورو، شڪل شباهت ۾ ڪڻڪ رنگو، چهري ۾ گول  حِنائي ريش مبارڪ پوشاڪ ۾ پهراڻ ۽ سلوار سفيد رنگ جي ڪندا هئا. دستار(پڳ) ڪڏهن سفيد ۽ ڪڏهن سائَي رنگ جي ٻَڌندا هئا. طبيعت ۾ تمام سادو، مستقل مزاج ۾ غُصيلو ۽ مزاحيه هوندا هئا. پاڻ پيرِ طريقت پڻ هئا. خطيب، مفتي، اديب ۽ علم خطابت ۾ ماهر هئا. خطيبِ سنڌ جو خطاب، حضرت محمد احمد رضا خان بريلويءَ وٽانئن حاصل ٿيو. عربي ۽ فارسي علمن تي به چڱي خاصي پهچ ۽ مهارت هَين.چون ٿا ته پير محمد ابتدائي تعليم ميهڙ جي ديني مدرسي رَهڙي شريف ۾ پڙهيو، جنهن کان ستت پوءِ مولوي نور محمد (1206ھ/1791ع–12ذوالحج1296ھ/1887ع)جن وٽ شهدادڪوٽ ۾ پڙهيو. شهدادڪوٽ ۾ اڃا پڙهندو ئي هيو ته مخدوم حاجي فضل الله صديقي پاٽائي(متوفي1290ھ) ۽ مخدوم حاجي حسن الله صديقي پاٽائي صاحبان شهدادڪوٽ آيا،جتي حاجي پير محمد پڙهي رهيو هو. اُتي ٻنهي مخدوم صاحبان سان ادب وچان مليو. ٻنھي عالمن سان حال احوال اوريائين ۽ صحبت ونڊيائين. ٻئي مخدوم صاحب کانئس گهڻو متاثر ٿيا. ليڪن مخدومن جي صحبت به مٿس ايترو ته گهرو اثر ڇڏيو، جو ساڻن گڏ پاٽ شريف وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. سندس دل ۾ اِهو خيال ويٺو ته جيڪر پاٽ شريف مان تعليم پرائجي. سندس استاد مولانا نور محمد کان مخدوم صاحبان پير محمد جي اجازت گهري ۽ کيس ساڻ ڪري پاٽ شريف ۾ آندائون. هِتي عربي ۽ فارسيءَ جي وڌيڪ تعليم مڪمل  ڪري سن 1264ھ/1848ع ۾ فارغ‌التحصيل ٿيو ۽ دستار فضيلت به اتي ئي رهي ڪري حاصل ڪيائين. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ کيس حج جو به خيال ٿيو. اهڙيءَ ريت پنهنجي پاٽائي استادن ۽ بزرگن کان رخصت وٺي ديارِنبي ڪريم محمد مصطفيٰ ﷺ جو رخ ڪيو. جتي پهچي حج جي نيڪ سعادت حاصل ڪيائون. حج جي سعادت حاصل ڪرڻ کان پوءِ مديني منوره ۾  ئي جناب محمد مظهر صاحب جن سان وڃي مليا ۽ ساڻن صحبت ڪيائون. جنهن کان وڌيڪ علم جي تربيت ۽ سکيا وٺڻ جي ارادي سان ڪجھه عرصو ترسي پيا. (محمد مظهر مديني منوره ۾ مدرس، معلم ۽ برک عالم هيو،جنھن جو شمار ان وقت جي مشهور و معروف جيد عالمن ۽ بزرگن ۾ ٿيندو هو.) مولوي حاجي پير محمد جا اکر نهايت سٺا ۽ سهڻا هوندا هئا،جو ڪافي ماڻهو سندس اکر ۽ خوش خطي ڏسي متاثر به ٿيا. ڇو ته سهڻا سٺا ۽ صاف سٿرا اکر عالم ۽ اديب جي عزت ۽ عظمت ۾ واڌاري جو سبب بڻجن ٿا. علامه محمد مظهر جي مدرسي جي هڪ شاگرد /شخص مولوي پير محمد جا اکر ڏسي مٿس مفتون ٿي پيو ۽ کيس عرض ڪيو ته “جناب پير محمد صاحب مون کي هيءُ ڪتاب (فلاڻو ڪتاب)پنهنجي هٿن سان لکي ڏيڻ جي عنايت ڪيو ته هميشه ممنون و مشڪور رهندس.” کيس ورندي ڏنائون ته “هينئر آئون وطن وڃڻ جي لاءِ تيار آهيان، ايترو وقت ۽ فرصت نه آهي، جو هيءُ ڪتاب توکي لکي ڏيان.” رات جو خواب ۾ حضور ڪريم محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي کين زيارت نصيب ٿي ۽ کيس حڪم ٿيو ته” اُن شاگرد کي اِهو ڪتاب لکي ڏيو، جيڪو هو چوي ٿو. “اهڙي نيڪ ارشاد ٿيڻ تي ان شاگرد کي اهو ڪتاب نقل ڪري /لکي ڏنائون، جنهن تي هو ڏاڍو خوش ٿيو. بعد ۾ مديني منوره کان ٿي پنهنجي ڳوٺ آيا. ۽ “دارالفيوض” نالي سان اچي مدرسو قائم ڪيائون. سندن ديني خدمتون /ڪوششون به ڪافي آهن. خاص ڪري سندن اها ڪوشش، جستجو ۽ آرزو هئي ته ماڻهن کي دين اسلام ۽ اهڙي ٻئي علم جي روشنيءَ سان روشن ڪجي. هر هڪ عالم اِهو ئي چاهيندو آهي ته ماڻهو الله تعاليٰ جي هيڪڙائيءَ کي مڃينِ الله تعاليٰ جي موڪليل رسول پاڪ سيدالمرسلين ۽ امام الانبياء جي پيروي ڪن  هميشه متقي ۽ پرهيزگار رهن. جيڪڏهن ماڻهو دين اسلام جي علم کان واقف رهيو ته درحقيقت حق جي منزل پڻ آسانيءَ سان ماڻي سگهندو.

مولوي حاجي پير محمد عربي ۽ فارسي ٻولين جو ماهر هيو. قرآن مجيد جي وڏن مفسرن جي قطار ۾ کيس شامل ڪري سگهجي ٿو. حديث ۽ فقه جو پڻ وڏو عالم هو. سندس مدرسو ۽ خانقاه هڪ عظيم الشان اسلامي مرڪز هئا. ڪيترائي پري پري کان عالم ۽ شاگرد اچي وٽانئس علم جي اڃ اجهائيندا هئا. سندس دسترخانو ڪشادو هو،جو هڪ ئي وقت هڪ سؤ پنجاھه جي لڳ ڀڳ شاگردن /کٿابين جي کاڌي پيتي جو هروقت بندوبست هوندو هو. وٽس هر روز ڪيترائي نامور عالم، درويش، فاضل، صوفي، فقيھ ۽ وڏي رتبي ۽ عزت وارا ته ڇا پر عام ماڻهو به ايندا رهندا هئا. سندس مدرسو علم ظاهر ۽ باطن خاص ڪري علم حديث جو هڪ “جامع” هو، جنهن جو فيض هروقت جاري رهيو.مولوي ميان غلام عمر المعروف منور علي جي زباني ته “مولانا پير محمد جو روحاني تعلق ميان حامد حضوري تونيو ۽ ميان مظهر الحق (مدينه منوره) سان هو. پاڻ معلم ۽ مدرس هئڻ سان گڏ مفتي ۽ خطيبِ به هو.” ڊاڪٽر حافظ عبدالرزاق سومرو پنهنجي پي ايڇ ڊيءَ جي مقالي “لاڙڪاڻي ضلعي جي ديني عالمن جو دين جي اشاعت” جي صفحي 241 تي لکي ٿو ته” علامه غلام مصطفيٰ قاسمي مولانا پير محمد کي وڏن مفتين ۾ شمار ڪيو آھي: هن دؤر ۾ اتر سنڌ ۾ مفتي غلام عمر جتوئي، مولانا مير محمد نورنگي، مولانا شفيع محمد مسجدي ۽ مولانا پير محمد جوڻاڻين وارو ۽ ٻيا هئا. “(مقالو اڻ ڇپيل سال 1992ع)مولوي پير محمد جي سدائين اِها خواهش هئي ته هڪ ڪتبخانو قائم ڪجي. ڇوته ڪتبخاني قائم ڪرڻ سان وڏو فائدو ٿيندو. يعني جيترا ڪتاب هوندا، ان کان به وڌيڪ فيض حاصل ڪري سگهبو. ڇاڪاڻ ته ڪتاب هڪ خاموش ساٿي ۽ دلي دوست پڻ آهي. ڪتابن جي مطالعي ۽ اڀياس ڪرڻ سان علم ۽ ڄاڻ ۾ اضافو پڻ ٿيندو. اهڙي ئي آرزوءَ سان هڪ نادر ۽ ناياب ڪتبخانو قائم ڪيائين. جنهن ۾ قلمي ۽ ڇاپي ڪتاب موجود ۽ محفوظ آهن. سندن قائم ڪيل ڪتبخاني ۾ اٽڪل پنجن هزارن جي لڳ ڀڳ ڪتاب جمع ٿيل آهن، جن مان قلمي مسودن/نسخن جو تعداد اٽڪل 2 هزار ٿيندو. منجهس عربي ۽ فارسي ٻولين جو گهڻو ذخيرو موجود آهي. ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اهڙن ڪتابن جو تعداد گهٽ آهي. ان کان علاوه اردو ڪتاب به منجهس ٿورائيءَ ۾ ڏسي سگهجن ٿا. بهرحال ڪتاب ته هرڪوئي پنهنجي وت ۽ وس آهر گڏ ڪري سگهي ٿو. مگر مولوي حاجي پير محمد جو ڪتابن گڏ ڪرڻ جو مقصد ئي نرالو هو. منهنجي سوچ ۽ خيال مطابق ته ڪتابن جمع ڪرڻ سان ڪو مسئلو حل ٿي ڪو نه ٿو سگهي. جيسيتائينڪِ انهن جو مطالعو ۽ اڀياس نه ٿو ڪيو وڃي. حاجي پير محمد تقريباََ اهي ڪتاب پڙهيا هوندا ۽ پنهنجيءَ اولاد کي به انهن جي ترغيب ڏني هوندي. سندن سرشت ۾ اِهو به هيو ته ڀٽڪيل ۽ ڀليل ماڻهن جي رهنمائي ۽ ترجماني ڪجي ۽ پنهنجي علم وسيلي کين ديني تعليم کان منور ڪجي. پاڻ دانشمند ۽ دورانديش شخص ھو. تنگ دست ۽ تنگ نظر نه هو. جيڪو به شخص وٽن ايندو ھو ته کيس هڪ ئي صحبت ۾ پاڻ ڏانهن جھٽ مائل ڪري ڇڏيندو هو. اهڙيءَ طرح مولوي پير محمد جي دل جون اميدون ڪنهن قدر پوريون ٿيل ٿيون ڀانئجن. ڇاڪاڻ ته پاڻ علم حاصل ڪري معلم مدرس عالم جي درجي تي رَسيا،جنھن ڪري اڄ به باڪمال ۽ بهترين عالم ۽ فقير يا فقيه جي حيثيت ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو. پنهنجي مدرسي ۽ خانقاه جي ذريعي اڃايلن جي علم وسيلي اڃ اجهايائون. مسڪينن جي مدد ڪيائون. اڙين کي آٿت ۽ آڌر ڏنائون. بي سهارن کي سهارو ڏنائون،جو ڪيترائي کٿابي سندس قائم ڪيل مدرسي “دارالفيوض” مان فيض حاصل ڪري مستفيض ٿيا. کٿابين جي مسني ٽِڪيءَ جو بندوبست پنهنجي سر پاڻ ڪندا هئا. سندس کٿابين جو تعداد ته گهڻو آهي.دين اسلام جي خدمت ڪندي آخرڪار 127 سالن جي ڄمار ۾ ٽين محرم الحرام 1364هجري موجب 1945ع تي هيءُ فاني جهانُ ڇڏيائون. سندس وفات جي قطع تاريخ سيال ڪوٽ جي مولوي ابوالنور محمد بشير جي والد بزرگ ۽ عالم مولوي محمد شريف “طوبيٰ هُوَ مغفور”مان ڪڍي آهي.