بريڪرن کان بيزار نيوڇور جي عوام!‎‎

 

بريڪر جي لحاظ کان اسان جو ضلعو عمرڪوٽ سڀ کان اڳتي آهي، ان جو سخت مقابلو ڪندي نيوڇور به ڪافي مقابلي لاءِ بريڪر ٺاهي ڇڏيا، اهو به هڪ نقصان پهچائيندڙ بريڪر جنهن تان گذرڻ وقت موٽر سائيڪل کي به نقصان ٿيندو آهي ته ڪورولا گاڏي جو به ڪو نه ڪو نقصان ڪري ڇڏي ٿو، اهو بريڪر ڪنهن سرڪاري اداري پاران نه ٺاهيا ويا آهن پر اهو هتي جي ماڻهن پنهنجي مرضي تي ٺهرايا آهن، جيڪڏهن ڪنهن ايمرجنسي جي صورت ۾ هتان جي گھٽين مان نڪرجي ته ان ۾ پندرهن کان ويھ منٽ لڳي ويندا آهن جيڪڏهن ڪنهن کي بريڪر ٺاهڻ کان روڪيون ٿا ته جواب ملي ٿو تون ڪير ٿيندو آهين جو پڇاڻو ٿو ڪرين، ان تي سرڪار کي ڪو اعتراض ناهي. هن وقت نيوڇور ۾ پنجاھ جي لڳل ڀڳل غيرقانوني بريڪر ٺهيل آهن، جيڪڏهن ڪو سبزي جو گاڏو لڳائي ٿو ته اهو به پنهنجي مرضي تي بريڪر ٺاهي ڇڏي ٿو پر انتظاميا هنن بريڪرن کي هٽائڻ جي ڪڏهن تڪليف ڪونه ڪئي هتي جي ڪجھ بدمست راهوڪن جي انهي حرڪتن جي ڪري انهن بريڪرن جي ڪيترا ڀيرا گاڏين جي ڊرائيورن ۽ پاڙيسرين جا پاڻ ۾ ڪافي ڀيرا جهيڙا به ٿيا آهن پر انهن جهيڙن باوجود اج به بريڪر پنهنجي جاءِ تي پيا آهن، انتظاميا جيڪڏهن ڪوشش ڪري ته نيوڇور ۾ ٺهيل غير ضروري بريڪر هڪ ڏينهن اندر ڊهي سگهن ٿا پر افسوس انتظاميا انهي تي ڪو به قدم ناهي کنيو اسان جي اعليٰ اختيارين کان هٿ ٻڌي گذارش آهي ته هي غير ضروري بريڪر هٽائي عوام جو ٿيندڙ نقصان ۽ خواريءَ کان جان ڇڏائي وڃي ته جيئن هتي جا ماڻهو ڪجھ سڪون سان روڊن تي هلي سگهن.

 

مير محمد جوکيو/نيوڇور

ڇا عمران خان پنجاب اسيمبلي ٽوڙيندو ته عام چونڊون ٿي سگھن ٿيون!

 

ملڪ جا سياستدان ڪڏھن به ھڪ ميز تي بيھي ملڪ جي ڀلي لاءِ ڇو نٿا سوچن جيڪي ڳالھيون جلسن جلوسن يا عوامي ميڙاڪن ۾ چئي ڏيندا آھن پوءِ انهن تي عمل نه ڪرڻ يعني ڦري وڃڻ ڇا اھا سڀ سندن سياست ھوندي آھي جيئن پھرين پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته سڀئي ڪارڪن ۽ اڳواڻ اسلام آباد ڌرڻي لاءِ گڏ ٿيو وري انهي ڳالھ تان هٿ کڻي ويو ۽ وري ھن پنهنجي ايم پي ايز کي چيو ته تيار ٿيو جيڪڏهن (ن) ليگ جي حڪومت چونڊن جي تاريخ نه ڏني ته اسين صوبائي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏينداسين. وري خان صاحب فرمايو ته اسان حڪومت سان ڳالھيون ڪرڻ لاءِ تيار آھيون جنهن تي وزيراعظم ھا ڪري موٽ ڏني ۽ مرڪزي اجلاس ڪوٺائي چيو ته اسين پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاھي خلاف بي اعتمادي رٿ في الحال نٿا آڻيون، پرويز الاھي وزيراعلي پنجاب ھوندو، جڏھن ته ان سڄي صورحال بعد پرويز الاھي جو فرزند مونس الاھي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان ملاقاتون ڪندي اسيمبليون نه ٽوڙڻ جھڙا مشھورا ڏيندي ٻڌو ويو، پر ان سڄي ڊوڙ ۾ پي ٽي آءِ جا ٻيا اسيمبلي ميمبر خاموش ويٺا رھيا ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي اسيمبلين ميمبرن حڪومت کان ٻاھر ٿيڻ جي مخالف ڪئي، جنهن بعد اليڪشن ڪميشن چيو ته اسيمبليون ٽوڙيون ويون ته انهن صوبائي تڪن تي ٻيھر ضمني چونڊون ڪرايون وينديون، اھڙو بيان اچڻ بعد پي ٽي آءِ ھڪ ڀيرو ٻيھر خاموش ٿي وئي، ڇاڪاڻ ته عام چونڊن جي مدي ۾ باقي ڪجھ  مھينا رھجي ويا آھن، جيڪي اليڪشن جي تياري ڪندي گذري ويندا ته پوءِ پي ٽي آءِ وارن کي صبر جو مظاھرو ڪرڻ کپي ۽ ان وقت جو انتظار ڪرڻ گھرجي. اجائي تنقيد ڪرڻ نه کپي اسان جي ملڪ جا سياستدان ھرون ڀرون جي واويلا ڪري ٻين دشمن ملڪن آڏو پنهنجا پول پڌرا ڪندا رھن ٿا ڇو ته تازو پنجاب جي وزير اعلي پرويز الاھي موجب پنجاب حڪومت عمران خان جي امانت آھي، ھو جنهن وقت حڪم ڪندو ان وقت اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندس. ايتري لچڪ ھوندي به سياستدان رڳو عوام کي بي وقوف ڪندي نظر ايندا رھن ٿا، انهن کي غريب عوام جي اھنجن جي ڪا به پرواھ ناھي انهن جي مرضي آھي ھو پنهنجي ضمير جو سودو ڪن ۽ جيئن وڻين تيئن ڪري پنهنجن مفادن خاطر ڪجھ به ڪري سگھن ٿا ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ توڙي نواز ليگ پاران ھڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ انهن جي عادنن ۾ شمار ٿي ويو آھي.

 

گل بيگ چانگ/ خيرپور

 

سنڌ جي ثقافت ۾ رَنگجي ويل سنڌ!

 

سال جو آخري مھينو ڊسمبر نه رڳو ايڪتا جھڙا نرالا رَنگَ کڻي حاضر ٿيندو آھي پر، ڊسمبر جو مھينو سنڌ لاءِ دردن ڀَريو ڳَرو مھينو پڻ ثابت ٿيندو آھي. پاڻ اڄ ڊسمبر ۽ دردن کي ھڪ پاسي رکي سنڌ ۽ سنڌ جي ثقافت تي ڳالھايون ٿا ته گھڻي وسيع ۽ قَديم ثقافت جنهن کي اڄ جيڪڏهن قومي ٻڌيءَ جي ثبوت ڏيڻ طور چار ڊسمبر جو ڏينهن سنڌ سان محبتون ونڊڻ جو ڏينهن به ضرور ثابت ٿيو. توڙي جو ھلندڙ وقت ۾ سنڌ ڪافي حد تائين لاچار ۽ بيوس ھوندي به ھن قوم پنهنجي ثقافت مان ھٿَ نه ڪڍندي، اڳ جيان ويتر ان کان به وڌيڪ  جوش، جَذبو، وَلولو نظر آيو، جنهن جو سمورو ڪريڊيٽ “ٽائيم نيوز، پنهنجي اخبار” جي رھنما بلڪِ پوري سَٿ ڏانهن وڃي ٿو جن سال جو ھڪ ڏينهن سنڌ ڌرتي جي نانءُ ڪري ڌرتي ڌڻين کي ايڪي ۽ ٻڌي جي لڙي ڳَنڍي ڇڏيو، بلڪه ايئن چئجي ته ڊسمبر جي ھر تاريخ تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪٿي نه ڪٿي سنڌي ماڻھو مرڪندي ثقافتي ويسن ۾ جرڪندي نظر ايندا آھن. بدقسمتيءَ سان ٻن ٽن سالن کان ثقافتي ڏھاڙي کي ختم ڪرڻ خاطر ڪجھ سازشن تحت ديس جي امن پرست قوم تي ملڪي غداري جا ڪيس مڙھي کين ھيسائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، جيئن ھنئير سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جو مثال سامھون آھي، ڏسجي ته جيترن شاگردن مَٿان ڪيس داخل ڪيا ويا جن ۾ نياڻيون به شايد شامل آھن! ٿي سگھي ٿو ڪجھ شاگردن پاران ملڪ جي خلاف ڪجھ چيو ويو ھجي پر، يقين سان چئي سَگھجي ٿو جيترن شاگردن مَٿان ڪيس داخل ڪيا ويا تن ٽوٽلي شاگردن ملڪ جي خلاف قَطعي ڪو نه ڳالھايو ھوندو، بس روايتي طور ايئن چئجي سڪن سان گڏ ساوا به سڙي ٿا وڃن، سوچجي جنهن ملڪ جي پھرين قرارداد سنڌ جي ايوان مان پاس ٿي ھجي ته ان سنڌ جا ماڻھو ملڪ جي خلاف قطعي نٿا ڳالھائي سَگھن! ڇو جو اسان جو ملڪ پاڪستان جيڪو اسلامي ملڪ آھي جنهن سان اسان کي بيحد پيار آھي، سنڌ جيڪو پاڪستان جو صوبو ۽ قَديم ھزارين سال ثقافت رکندڙ صوبو آھي ھيءَ سنڌ “محمد بن قاسم” واري باب اسلام يعني اسلام جو مرڪز به آھي، تنهن ڪري قديم سنڌ جي قديم ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جو اھم مقصد بس اھو ئي آھي جو ھيءَ قوم نَفرتن کان باز ٿي محبتن کي وڌائڻ خاطر ھر سال جيان ھن سال به پوري دنيا کي پيغام ڏنو ويو ته اسان امن پسند قوم ھئاسين، آھيون ۽ رھنداسين!

 

شمائلا رند/ٽنڊو محمد خان

 

اسان جي ملڪ جا معاشي سماجي مسئلا

 

پاڪستان قدرتي طور ھڪ مالا مال ملڪ آهي، جنهن کي الله تعاليٰ انيڪ نعمتون عطا ڪيون آهن پر ڪجھ سياسي ۽ سماجي مسئلن جي ڪري انهن قدرتي نعمتن جو فائدو اسين وٺي نه سگھياسين، جيتوڻيڪ اسان جي اڻٽر سياسي مسئلن جو اثر سڌي يا اڻ سڌي ريت اسان جي معيشت تي پوي ٿو. مثال طور سياستدانن جي پنهنجي ذاتي فائدي لاءِ ٺاھيل قانون ۽ معشيت تي گھٽ ڌيان ڏيڻ معشيت کي تباهيءَ جي ڪناري تي پھچايو آهي. آئيني طور پاڪستان ۾ ھڪ بهترين گورنمنٽ سسٽم آهي.جيئن پارليماني گورنمنٽ پر سياستدانن جي ذاتي مفادن به ان بهترين پارليماني حڪومت کي داغدار بڻائي  ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اسين ٻئي پاسي ڏسون ته پاڪستان جي 75 سالن تاريخ ۾ اڌ کان وڌيڪ فوجي حڪمراني جنرل ايوب خان کان وٺي پرويز مشرف تائين رهي آهي. جڏھن ته انهن فوجي حڪمراني ۾ به پاڪستان جي معشيت کي ايترو نقصان نه پھتو جيترو سولين حڪومت ۾ پھتو. پاڪستان جي معيشت جا سڀ کان وڏا مسئلا ڪجھ ھن ريت آهن جيئن درآمد وڌيڪ ۽ برآمداد گھٽ ھجڻ جي ڪري بيلينس آف پيمنٽ جو مسئلو ٿئي ٿو. جڏھن ته پاڪستان جي اڳوڻي فئنانس منسٽر مفتاح اسماعيل ھڪ اخبار ۾ دعوى هئي هئي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ وارو آهي پر اسان جي ساستدانن کي ان جي ڪا به پرواهه ناهي. انگن اکرن موجب پاڪستان وٽ فارين ريزوو رڳو 8 بلين ڊالرز جا بچيا آهن، جيڪو  پاڪستان رڳو پنج ھفتا استعمال ڪري سگهي ٿو. ان کان سواءِ اسان جا سماجي مسئلا به گھٽ ناھن، جھڙوڪ غربت، تعليمي مسئلا، آبادي جو وڌڻ ۽ نوجوانن لاءِ نوڪريون نه ھجڻ، ھڪ وڏو ناسور بڻيل مسئلا آهن. ان ۾ غربت ھڪ سنگين مسئلو آهي. ھڪ رپورٽ موجب لکين ماڻهو پاڪستان ۾ غربت جي لڪير کان به ھيٺان جي زندگي گذارين پيا. ھن ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ ماڻهن لاءِ ٻه ويلا ماني به ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف تعليمي نظام به تباھ حال ٿي ويو آهي، ھڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 28 لک ٻارڙا اسڪول نٿا وڃن. جيڪو ھڪ فڪر جي گھڙي آهي. ٽئين طرف آبادي جو وڌڻ ھڪ اھم مسلو آهي. سال (2017) جي رپورٽ موجب پاڪستان جي آبادي لڳ ڀڳ 22 ڪروڙ آهي. ۽ 2.2سيڪڙو جي رفتار سان وڌي پئي جيڪو اڳتي ھلي پاڪستان لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته سنگين معاشي حالتن جي ڪري اسان جي ملڪ ۾ ذريعا به ناھن جو ماڻهن کي بهتر زندگي ڏي سگهجي.

 

سائيڏنو لنڊ/ڏهرڪي

 

اڀري سبري نوڪري!‎‎

 

اسان جي نوجوانن جي سوچ اڀري سبري سرڪاري نيم سرڪاري نوڪريءَ تائين محدود آهي، پنهنجي ڪاروبار ڪرڻ جي ھمت جو ماحول ٺهندو تڏھن ئي خوشحالي جا سپنا پورا ٿيندا دنيا جي ٽي نمبر اميرترين شخصيت ميڪش امباني جو جڳھ مشھور انٽرويو جنهن ۾ سندس ڪيل ڳالهيون ڪيتريون نه حقيقت پسندي تي ٻڌل دلچسپ آهن انهن مان ڪجھ ھتي پيش ڪجن ٿيون. نوڪري ڪندڙ ڪڏھن به خوشحال نٿو ٿي سگهي. انسان جي معاشي ترقي واري زندگي تڏھن شروع ٿيندي آهي جڏهن ھو پنهنجو ڪم شروع ڪندو آھي. ڪاميابي ترقي جو تعلق تعليم سان ناھي، جيڪر تعليم جي ذريعي پئسا ڪمائي سگھجن ھا ته دنيا جا مڙئي پروفيسر ارب پتي ھجن ھا. ھن وقت دنيا ۾ 950 ارب پتي ماڻھو آھن انهن مان ڪو ھڪ به پروفيسر يا ماھر تعليم ناھي. دنيا ۾ ھميشه مڊل ڪلاس جي ماڻھن ترقي ڪئي آهي. اھي ماڻھو وقت جي قدر قيمت کي سمجھن ٿا، اھي ماڻھو ڊگريون حاصل ڪرڻ کان اڳ شاگردي واري دور ۾ئي ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيندا آھن. سڌريل سماج پنهنجي ايندڙ نسل کي ايندڙ وقت جي لاءِ تيار ڪرڻ جا ذميوار ھوندا آھن، آمريڪا جا تمام اسڪول اھي پرائيويٽ ھجن يا سرڪاري پبلڪ ايليمينٽري اسڪول يا ھاءِ اسڪول يا مڊل ھاءِ اسڪول انهن ۾ فنڊ ريزنگ ڊرائيو ٿيندي آھي، ايئن ٿيندو آهي جو ھر ٻار کي چاڪليٽ جا پنج دٻا ڏيندا آهن ھر چاڪليٽ جي قيمت ھڪ يا ٻه ڊالر ھوندي آهي، ھر ٻار کي آھي پنج دٻا وڪڻي انهن پئسن کي اسڪول ۾ جمع ڪرائڻو ھوندا آھن، انهن کي ايريا مختص ڪري ڏنا ويندا آهن، انهن ۾ غريب اميرن جا ٻار شامل شامل ھوندا آھن، اھي ٻار گھر گھر گلي دڪان بازارن ۾ ويندا آهن چاڪليٽ وڪڻندا آهن، اھا پريڪٽس ھر سال ڪرائي ويندي آهي، ٻتڪڙن ٻارڙن جا والدين انهن جي پويان بيٺل ھوندا آھن، ٻارڙا چاڪليٽ پاڻ وڪڻندا آهن ماءُ پيءُ انهن جي وڪالت ناھن ڪندا، فقط حفاظت خاطر ساڻن گڏ ھوندا آھن اھي فٽپاٿ تي بيٺل ھوندا آھن، ٻار پاڻ در کڙڪائي چاڪليٽ وڪڻندا آهن، ڪڏهن ماڻھو انهن ٻارن کان مختلف سوال به پڇندا آهن ٻار انهن جواب به ڏيندا آهن. امير ٻار پنهنجن مختص علائقن ۾ شاندار مھانگين گاڏين ۾ ايندا آهن تقريبن سڀئي ماءُ پيءُ انهي قابل ھوندا آھن جو پئسا ڏيئي پنهنجن ٻارڙن کان اھي چاڪليٽن جا سڀئي دٻا خريد ڪري پئسا اسڪولن ۾ جمع ڪرائي ڇڏين پر اھي ايئن نه ڪندا آھن نه اسڪولن کي انهن پئسن جي ضرورت هوندي آهي نه ماءُ پيءُ کي. پوءِ پٽ کڻي اوباما جو ھجي يا ڌيءَ ھجي، ٽرمپ جي ھڙئي ھوٽلز ريسٽورنٽ سپر ماڪيٽ يا ميڪلونڊ تي ڪم ڪندا ته ڊگري ملندي نه گھر ويٺل ھوندا آمريڪا ايئن دنيا کي ليڊ ناھي ڪري رھيو، ھو پنهنجا ليڊر ٻالڪپڻ کان ئي تيار ڪرڻ شروع ڪري رھيو ھوندو آھي .

 

الھڏنو راھمون/ سجاول

ايڪتا جي ڏينهن جو اصل مقصد؟‎‎

 

جيئن ته ڪالھ ايڪتا ڏينهن گذريو ۽ اسين ڀرپور نموني سان جوش و جذبي سان ملھايون، اصل ايڪتا جي ڏينهن جو مطلب اھو نه آھي ته اسين رڳو ھڪ ڏينهن ملي ڪري ڌارين کي ٻڌايون ٿا ته اسين سنڌي ھڪ ٻي کان جدا ناھيون، اھو رڳو ٻڌائڻ سان نه ٿيندو ھي جيڪي ڪراچي ۾ سنڌي مظلومن کي بيدردي سان قتل ڪيو وڃي ٿو، اتي اسان جا ھي جوشيلا ديشي نوجوان ڪٿي آھن. ڪھڙي گھري ننڍ ۾ ستل آھيون اسان، ھن ڌارين کي نيڪالي ڏياريو ان ۾ توھان جي ۽ اسان جي يڪجھتي جي خبر پوندي. ياد رکو  ھي وقت نچڻ، نون جوڙن ۽ نون اجرڪن جو ناھي بلڪه ھي پراڻن اجرڪن کي ڪفن ڪري سر سان ٻڌي ميدان ۾ لھڻ جو آھي، جتي ھڪ ئي نارو گونجي افغانن سميت پوري سنڌ ۾ جيڪي ڌاريان رھن ٿا انهن کي نيڪالي ڏيو ۽ جڏھن اسان ديشي نوجوان اھو قدم کنڻدا اھو وقت اسان جي ترقي ٿيندو. جيڪڏهن اسين فقط ڏينهن جو جوش جذبو ڏيکارينداسين ته انهن مائرن جو ڇا ٿيندو جنهن جا ٻچڙا ڌارين ھٿان قتل ٿيا، انهن جا ويا ته ڪمائڻ ھئا انهن ته اھو نه سوچيو ھيو ته پنهنجي گھر جي چلھي کي ٻارڻ خاطر گھر ڇڏي نڪري ھلون ٿا اھو گھر جو چلھو ڪنهن ڌارئين ھٿان وسامي ويندو ۽ انهن کان پڇو اھي ڪٿي ھوندا آھن جيڪي چوندا آھن سنڌ ورھائيندي پادر کائيندي، ان وقت اھي ظاھر ئي نٿا ٿين جڏھن اسان جي دودن نوجوانن جو سر عام قتل ٿئي ٿو.

 

شھباز ڏنو ٻرڙو/شڪارپور

 

منهنجو ووٽ منهنجو آواز منهنجو انتخاب!

 

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران ووٽرن جو قومي ڏھاڙو ھر سال جيان ھن سال پڻ 7 ڊسمبر تي “منهنجو ووٽ منهنجو آواز منهنجو انتخاب” جي عنوان سان ملھايو پيو وڃي جنهن جو مقصد ووٽرن کي پنهنجي ووٽ جي طاقت، اهميت بابت آگاهي فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي حوصلي افزائي ڪرڻ آهي  جيئن هو پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ چونڊن جو حصو بڻجي پنهنجو حق استعمال ڪري سگهن. پاڪستان ۾ 7 ڊسمبر 1970ع تي هڪ شخص هڪ ووٽ جي بنياد تي پهرين جنرل اليڪشن ٿي جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران 7 ڊسمبر کي ووٽرز جو قومي ڏھاڙي طور ملهايو پيو وڃي جڏھن ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران عام چونڊن کان اڳ ملڪ ۾ ووٽر لسٽن جي تصديق وارو عمل شروع ڪيو ويو آهي انهي ڪم لاءِ ضلعي اليڪشن ڪمشنر آفيسن ۾ ون ونڊو سينٽر قائم ڪري ماڻھن کي ووٽ جي داخلا بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ جن شھرين جا ووٽ داخلا ناھن انهن جا ووٽ داخل ڪري سگهجن ۽ جيڪي شھري گذاري ويا آهن انهن جو نالو لسٽ مان خارج ڪري سگھجي ۽ ووٽر لسٽن جي تصديق کي يقيني بڻائي غلطين کان پاڪ لسٽ بڻائي سگهجي، ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن پاران پوري ملڪ جي صوبائي، ريجنل ۽ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنرن کي ھدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته ووٽر لسٽن ۾ ووٽ جي داخلا بابت عوام خاص ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڄاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ اسڪولن، ڪاليجن ۽ عوامي ھنڌن تي سيمينار ۽ آگاھي پروگرام منعقد ڪرڻ سان گڏوگڏ ووٽر لسٽن جي تصديق ڪرڻ واري ڪم جي نگراني کي يقيني بنائڻ لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻين ته جيئن مقرر ڪيل وقت تائين شھرين جا ووٽ داخل ڪرڻ سميت صحيح ووٽر لسٽون جوڙي سگھجن. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران ووٽن جي داخلا کي وڌائڻ لاءِ هر ضلعي ۾ ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽيون قائم ٿيل آهن جيڪي ووٽن جي رجسٽريشن کي وڌائڻ لاءِ ڪميٽي ميمبرن سان گڏجي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ نادرا جي مدد سان شهرن سان گڏ ٻهراڙي جي علائقن ۾ پڻ آگاهي ڪيمپون لڳائي ووٽن جي داخلا کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن، ووٽرن جو قومي ڏينهن ملهائڻ ۽ عوام ۾ ووٽ جي اهميت بابت شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ پوري ملڪ جي ضلعي ۽ تعلقي هيڊڪواٽرن ۾چونڊيل نمائندن، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين کي نڪرندڙ ريلين ۾ شريڪ ٿيڻ گهرجي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران هر شهري جو شناختي ڪارڊ ٺهڻ وقت سندن مستقل يا عارضي ايڊريس تي سندن مرضي موجب ووٽ جي داخلا ڪئي وڃي ته جيئن کيس پريشاني کي منهن ڏيڻون نه پئيجي سگهي.

 

اعجاز تيوڻو/نوابشاهه

 

جاڳرتا بيدار ڪرڻ ۽ ووٽ جي اھميت کي سمجھڻ گھرجي!‎‎

 

جمھوريت جو حسن اليڪشن ھوندي آهي، جمھوري عمل نظام کي شفافيت ٺاهڻ ۾ ووٽ جو اھم ڪردار رھيو آھي. جمھوري حڪومتون ووٽ جي ذريعي چونڊبيون آهن، اھي حڪومتون عوام جي ڀلايي بھبود لاءِ ڪم ڪنديون آھـن، ان جو سبب آھو آهي ته ان ۾ عوام جي راءِ ھجڻ ضروري آھي، ملڪ ۾ پھريون ڀيرو 1970ع ۾ جنرل اليڪشن ٿي ان اڳ ملڪ ۾ اليڪشن نه ٿيون. ووٽ جي اھميت کي سمجھڻ گھرجي ووٽ ملڪ قوم جي امانت ھوندي آھي پر اسان جي ملڪ ۾ جنرل اليڪشن ۾ 30 کان 35 سيڪڙو رھي ٿي ۽ بلدياتي اليڪشن local election ۾ به جنرل اليڪشن ۾ 40 کان 45 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آھي، جڏھن ته اھو ريشو تمام گھٽ آهي. ووٽ جي اھميت عوام کي سمجھڻ گھرجي. ووٽ ڏيڻ گھرجي، اسان جيڪڏھن جنرل ضياءُالحق جي دور تي نظر وجھون اھو ملڪ ۾ جنرل اليڪشن نه پيو ڪرائي، ان آمريت واري دور ۾ محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين پارٽين گڏجي 1983ع ۾ ايم آر ڊي جمھوريت جي بحالي جي تحريڪ ھلائي، ان جو مقصد ھو ته ملڪ ۾ عوامي حڪومت بحال ٿئي. ايئن محترمه پرويز مشرف جي دور ۾ جلاوطني دوران ۽ واپسي ڪئي، عوام ۾ طاقت آهي، عوام ووٽ جي ذريعي پنھنجي تڪ Constituency مان ووٽ جي ڪم ڪندڙ کي چونڊي اسيمبلين تائين پھچائي ٿو. ووٽ بابت سنڌ جي ضلعي خيرپور ۾ اليڪيشن طرفان سيمنيار ۽ ريلي ڪڍڻ جو مقصد اھو آھي ته عوام پنھنجو قيمتي ووٽ ڏيڻ گھرجي. ووٽ جي آگاھي ۽ جاڳرتا بيدار ڪرڻ خيرپور جي سماجي ادارن ۽ گورنمينٽ سپيريئر سائنس ڪاليج جي شاگرن ۽ استادن ڀرپور حصو ورتو، ڪاليج جي شاگرن ووٽ جي اھميت تي تقريرون پيش ڪيون. ڪاليج جي استادن به ووٽ جي اھميت تي تقريرون ڪيون ۽ آگاھي ڏني. ان جي اھميت قدر به  چونڊيلن نمائندن کي ڪرڻ گھرجي. حڪومت ھجي تنظيمون ۽ پارٽيون يا يونينون ووٽ جي ذريعي مضبوط ٿي سگھن ٿيون، ان ڪري ووٽ جي اھميت کي سمجھڻ لاءِ اھڙا ووٽ جاڳرتا پروگرام ريلون ڪرايون وڃن.

 

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ