شهيد بينظير ڀٽو جي هن مجسمي واريون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن جنهن بعد تنقيد جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو آهي ته علامه اقبال جي لاهور واري مجسمي وانگر شهيد بينظير ڀٽو جو مجسمو به تجربو نه رکندڙ ماڻهو کان ٺهرائي لڳايو ويو. اسين سمجهون ٿا ته اهو تجربيڪار ماڻهو سان ناانصافي جو نتيجو آهي، سوشل ميڊيا تي اهو به چيو ويو ته هي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ ڪوئيٽا ۾ پ پ طرفان لڳايل محترمه بينظير جو  مجسمو آهي، لڳي ٿو مجسمو ٺاھڻ وارو ڪو نوابشاهه جو ناليون ۽ پيور بلاڪ ٺاھڻ وارو ٺيڪيدار ھو جو ان ۾ به پئسا ھڻي ويو، سوشل ميڊيا تي اهو به چيو ويو ته بينظير ڀٽو جي نالي تي اقتدار جو مزو ماڻيندڙ پيپلزپارٽي جا اڳواڻ بينظير ڀٽو سان هن کان وڌيڪ ظلم ٻيو نٿا ڪري سگهن، هي يادگار نه پر بينظير جهڙي قداور عورت سياستدان جي توهين آهي. سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته ڪوئيٽا ۾ لڳل هن مجسمي جي تياري ۾ به لازمي طور تي ڪرپشن ٿي هوندي. ڪمال ڪري ڇڏيو آرٽسٽ..!!! گهٽ پئسن ۽ ڪميشن تي اهڙا ئي مجسما ٺهندا آهن، ان کان ڀلو هو ته بينظير جو مجسمو ئي نه ٺهرايو ها، لاهور ۾ علامه اقبال جي مجمسي کانپوءِ بينظير ڀٽو جو اهڙو مجمسو ٺاهيو ويو آهي.