سنڌ جي مجموعي تعليم جو حال ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ايڏو ڪو بهتر ناهي ۽ ان تي تنقيد به ٿيندي رهندي آهي.ماضي ۾ استادن جي ڀرتين تي سياسي اثر سبب ان جا نتيجا اسان جي آڏو آهن.ڪاپي ڪلچر به ان تعليمي تباهي ۾ پنهنجو حصو ڳنڍيو. پرائمري تعليم کان وٺي اعليٰ تعليم تائين صورتحال اهڙي ناهي جيڪا مطمئن ڪندڙ هجي ۽ ان جي بهتري لاءِ مختلف فورمز تان آواز اٿندا رهيا آهن.جن جو اثر اهو ٿيو اهي جو ڪجهه وقت اڳ پرائمري استادن جون ڀرتيون هڪ ٽئين ڌر جي ذريعي ورتل ٽيسٽ کانپوءِ ميرٽ تي ڪيون ويون آهن جيڪو عمل اڃا مڪمل نه ٿيو آهي ۽  هلي رهيو آهي ۽ اهڙين ڀرتين سبب هڪڙي اميد پيدا ٿي آهي ته جيڪي تعليم ۾ خرابيون پيدا ٿيون، اسڪول بند رهيا يا اوطاقون بڻجي ويا اهي ڪنهن حد تائين بهتر نموني هلڻ شروع ٿيندا ۽ اڃا به وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن تعليم بهتر کان بهتر ڪري سگهجي.

هڪ طرف سرڪار تعليم جي بهتري لاءِ قدم کڻڻ جي دعويٰ ڪري رهي  آهي ته ٻئي طرف اعليٰ تعليم جا ادارا يونيورسٽيون ڪيترن مهينن کان مالي بحران جو شڪار آهن جنهن سان سنڌ جي اعليٰ تعليم تي خراب اثر پئجي رهيا آهن.سنڌ جون تقريبن سڀئي پبلڪ يونيورسٽيون انهي صورتحال مان گذري رهيون آهن جتي ريٽائرڊ ملازمن کي پينشن نه ٿي ملي ۽ استادن کان وٺي ٻئي عملي کي وقت تي پگهارون نه ٿيون ملن.ارڙهين ترميم کان پوءِ اعليٰ تعليم صوبن حوالي ٿيڻ ۽ صوبائي هائير ايجوڪيشن  قائم ٿيڻ کانپوءِ ان ڪميشن جي فعال نه هجڻ ڪري يونيورسٽين ۾ روز روز نوان مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن.پبلڪ يونيورسٽين کي تعليم ۽ تحقيق جي ڪم  بدران نوڪرين ۽ سياسي ڀرتين جو ڄڻ مرڪز بڻايو ويو جنهن ڪري به اهي معاشي بحران جي ور چڙهيل رهن ٿيون. ادارن اندر ايڊهاڪ ازم تي ڪم هلائڻ وارو رويو به اهڙا مسئلا پيدا ڪرڻ جو سبب آهي. ڪيتري وقت کان وٺي اڪثر يونيورسٽيون قائم مقام يا عارضي چارج رکندڙ وي سيز ذريعي هلي رهيون آهن. تازو انهن يونيورسٽي جي وي سيز جي مقرري لاءِ اشتهار ڏنو ويو آهي جيڪو عمل مڪمل ٿيڻ تائين خبر ناهي ٻيا ڪيترا مسئلا سامهون اچي ويندا. هن وقت به ڪراچي يونيورسٽي کان وٺي شاهه لطيف يونورسٽي خيرپور تائين ملازم احتجاج تي آهن جن کي پگهارون نه پيون ملن،جڏهن اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ملازمن کي پگهارون ڏيڻ جيترا به پئسا نه هوندا ته اهي تحقيق تي ڪهڙو خرچ ڪري سگهندا.وڌ کان وڌ تعليمي ادارا کولڻ بهتر عمل آهي پر جيڪڏهن اهي رڳو انهي نيت سان کوليا وڃن ته اهي علائقي جي سياسي ماڻهن کي پنهنجا ماڻهو رکڻ لاءِ يا عمارت جي ٺيڪو ڏيڻ لاءِ هوندا ته پوءِ صورتحال اهڙي ٿيندي جيڪا هن وقت سڀني يونيورسٽين ۾ آهي، ڇاڪاڻ ته عارضي وي سيز سياسي وڏيرن کي خوش ڪرڻ لاءِ گهرج کان وڌيڪ ماڻهو ڀرتي ڪري ٿا ڇڏين ته اهو بار يونيورسٽين جي بجيٽ تي پوي ٿو.

ارڙهين ترميم ذريعي  اعليٰ تعليم صوبن حوالي ٿيڻ کانپوءِ اها اميد پيدا ٿي هئي ته سنڌ ۾ يونيورسٽيون وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪم ڪنديون پر صوبائي هائير ايجوڪيشن جي ان طرح فعال نه ٿيڻ ڪري ان جا خراب اثر سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن تي پئجي رهيا آهن،تنهن ڪري سنڌ حڪومت انهي پاسي ڌيان ڏئي يونيورسٽين ۾ ميرٽ تي مقرريون ڪري ۽ انهن کي مالي بحران مان ڪڍڻ لاءِ عملي قدم کڻي ته جيئن سنڌ جي تحقيق ۽ تعليم ۾ اڳتي وڌي سگهي.