سهولتن جي کوٽ کي منهن ڏيندڙ عوام!

سنڌ جو پئرس سڏجندڙ، شهيدن جو اباڻو وطن لاڙڪاڻو جتي جي عوام ۽ اڳواڻن جون سنڌ سميت پاڪستان لاءِ وڏيون قربانيون آهن، ان ئي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ صفائي وارو عملو گند ڪچرو صفائي بعد اسٽريچر وسيلي ٻاهر روانو ڪندو آهي، پرنٽ، اليڪٽرانڪ توڙي سوشل ميڊيا تي هر روز سنڌ جي پٺتي پيل علائقن وارا مريض اسپتال اچن ٿا ته کين ڪا به سهولت نٿي ڏني وڃيم، ڪٿي گئس سلينڊر جو اشو آهي ته ڪٿي بيڊ خالي نه آهن، ڪٿي ايمبولينس جو مسئلو تمام گهڻو رهيو آهي، شديد زخمي يا ڊليوري وارا ڪيس اچن ٿا ته انهن کي ايمبولينس خراب هجڻ جو جواز ڄاڻائي رڪشا ۾ يا مختلف ٽيڪسي ۾ روانو ڪيو ويندو آهي. انهن مسڪين مريضن جو اسپتال پهچڻ کان اڳ ۾ ئي پساهه پورا ٿي وڃن ٿا يا ڪيڏي نه هن سنڌ جي عوام سان ٻه اکيائي چئبي جيڪا سڀ ڪجهه ڏيڻ جي باوجود به سسئي ۽ سور واري روايت ۾ جڙيل آهي، آخر ايترا بيوس ڇو ڪيا ويا آهن؟ سنڌ جي سپوتن کي جن لاءِ اسپتالن ۾ ڪٿي بسترو ناهي ڪٿي ايمبولينس لاءِ گئس نه ته وري ايمبولينس آهي ۽ هاڻي صحت کاتو چار گوريون او پي ڊي واري پرچي ۾ ويڙهي مريض کي روانو ڪري ڇڏي ٿو، ان ڪڌي رسم کي ختم ڪرائي مسڪين سنڌ واسين کي صحت جون سهولتون مهيا ڪيون وڃن ته جيئن سنڌ جي عوام سک جو ساهه کڻي سگهي.

عبدالغني “عبد “آريسر/ ڍورو نارو

سنڌ پوليس جو ڪردار‎‎!

  سنڌ پوليس ڏينھون ڏينھن پنھنجي ساک وڃائي رھي آھي، پنھنجي فرضن ۾ ڪوتاھي رشوت وٺڻ، ڀوتارن جي ونگار وھڻ غريب ۽ مظلوم ماڻھن جون بنا پئسن جي ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ بااثرن کان پئسا وٺي  ظلم جو شڪار ڌر کي ٺاھ لاءِ مجبور ڪرڻ، رشوت لاءِ بنا ڪنھن سبب جي شريف شھرين کي تنگ ڪرڻ کان سواءِ شڪي پوليس مقابلن ۾ بيڏوھي ماڻھن کي  ھاف فراءِ ۽ فل فراءِ ڪرڻ جھڙن ڪڌن سرگرمين ۾ ملوث پوليس ھينئر جنھن غلط سرگرمي ۾ ملوث آھي اھا آھي منشيات فروشي. پھريان پوليس منشيات فروشن کان منٿلي وٺندي ھئي پر شايد ھاڻي ان مان به سندن پيٽ نٿو ڀرجي، جو ھاڻي انھن پاڻ منشيات وڪڻڻ شروع ڪري ڏني آھي، جنھن جون خبرون ڪجھ ڏينھن کان ميڊيا تي ھلي رھيون آھن ۽ ڪجھ پوليس وارا ان سبب معطل به ٿي چڪا آھن، سنڌ حڪومت کي پنھنجون اکيون کولي ھن سنجيده معاملي جو نوٽيس وٺي پوليس کاتي ۾ موجود اھڙين ڪارين رڍن خلاف جيڪي ڪنھن به ڏوھ يا غلط سرگرمي ۾ ملوث آھن، سخت سزا ڏئي ھن کاتي کي  عوام دوست ۽ غريب دوست کاتو بڻائڻ گھرجي.

مجاھد  لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊوالھيار

ايڪتا ڏھاڙو ۽ ڪجھھ تعصب پرست ماڻھو!

  گذريل سال جڏھن ايڪتا ڏھاڙو ملھائڻ لاءِ ڪراچي جي پريس ڪلب ڏانھن رخ ڪيوسين ته قائد آباد کان پوءِ ھر جاءِ ته ڌارين ماڻھن پاران سنڌ واسين جي خوشي کي برداشت نه ڪندي خود اسان کي به پاڻ ئي سندن اندر ۾ جلن کي گھٽائڻ خاطر  اشارن ۾ سفر ئي سفر ۾ تعصبي ماڻھو بي ڍنگا ۽ اڍنگا اشارا ڪري رھيا ھئا. ان ڏينھن ڪراچي شھر ۾ ٽريفڪ دوران اسان جي گاڏي اڳيان ڪار ۾ ٽڪرائجي وئي، ڪار ۾ سنوار ھمراھ وڏي ڪاوڙ مان اسان جي گاڏي طرف آيا، مزي جي ڳالھ ته ھو به اسان جيان ثقافتي ويسن ۾ ھئا، ھنن سڌو اچي اسان واري ڊرائيور کي ڀاڪر پائي ايڪتا جون مبارڪون ڏيندي چيو ھي ته معمولي ڌڪ آھي پر پنھنجي اڄ عيد جو ڏينھن آھي، جيڪڏھن مري وڃو يا اسان جي ڪار مڪمل پرزا ٿي پوي ته به پرواھ نه ڪريون ھا، ڇاڪاڻ ته، اھي به اسان جيان ايڪتا ملھائڻ لاءِ پريس ڪلب ئي وڃي رھيا ھئا، چوڻ جو مقصد اھو ته ھر سال ايڪتا ڏھاڙي اچڻ سان خاص ڪري سنڌ ۾ رھندڙ سنڌ ۾ ڪمائيندڙ سنڌ جو کائيندڙ ڪافي ڌارين کان اھو ٻڌڻ ۾ ايندو آھي ته ايڪتا ڏهاڙو سنڌين جي گانن ٻڌڻ ۽ نچڻ جو ڏينھن آھي. انھن درويشن کي ڪير سمجھائي ته گانا يا موسيقي اڪثر نرم دل ۽ امن پرست ماڻھو ٻڌندا آھن، نرم دل امن پرست ماڻھو جڏھن مڪمل جوش ۾ ايندا آھن تڏھن ھو خوشي ۾ رقص ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آھن، صاف ڳالھ آھي ته ايڪتا ڏهاڙو نه صرف سڌي جي ثقافت تھذيب کي اجاگر ڪرڻ ۽ خوشي ملھائڻ جو ڏينھن ھوندو آھي پر ھن ڏينھن ته سنڌ ۾ رھندڙ ڌاريون قومون پريشاني جو شڪار ٿي وينديون آھن. انھن جي خواھش ھوندي آھي ته سنڌين پاران ھي ڏينھن ملھائجي جيڪا انھن خواھش ڪڏھن پوري نه ٿيندي.

رياض امر ٻجورو/سجاول

ٻارن کي بھترين ماحول ڏيڻ گھرجي!‎‎

  ٻارن جي سڀ کان پهرين درسگاھ ان جا والدين ۽ ان جي گھر جو ماحول ھوندو آھي، جتان اھي ماحول ۽ ٻولي کي پرکي ٻول ٻولڻ، اٿڻ ويهڻ جو سلوڪ، لھجو وغيره سکي ويندو آهي. جيتوڻيڪ ٻارن کي ويھاري سکيا نه ڏني ويندي آهي صرف اھي پنھنجي چوڌاري جي ماحول کي پسي ان تي عمل ڪرڻ شروع ڪندا آھن، جي ماءُ ۽ پيءُ مان ڪنھن ھڪ انسان جي فطرت ۾ سٺيون عادتون، خوبيون، دليري ۽ سھڻي نموني سان ڳالھائڻ جو ھنر ھوندو يا وري خراب لھجو، ساڙ، گلا، غيبت، وغيرہ جھڙا احساس ھوندا ته ٻار به انھن مان ئي متاثر ٿيندا ۽ اھي احساس پاڻ مٿان لاڳو ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا آهن. ٻارن کي سٺي ۽ خراب جي سمجھ ته ناھي ھوندي پر حقيقت ۾ اهي ئي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن جيڪي ان جي سامھون ٿيندا رھندا آھن. ان کان سواءِ جيڪڏھن والدين ناڪاري يا هاڪاري سوچ رکندڙ آھن ته ان جو اولاد به ساڳئي طرح جي سوچ رکندو جيئن، رون شرما پنھنجي ھڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته “اسين ٻارن جي ان طريقي سان تربيت ڪندا آھيون جھڙي طريقي سان اسان جي والدين اسان جي ڪئي آهي، ان کان سواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو طريقو ناھي” تنھن ڪري والدين کي گهرجي ته پنھنجي ٻارن جي سٺي پرورش ڪرڻ سان گڏ انھن کي اھو ماحول ڏيڻ جي شروعات ڪن جيڪي انھن جي لاءِ پوري زندگي لاءِ فائديمند ثابت ٿئي.

تانيه سليم/قمبر علي خان

يوسي گھڙو جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن!

  ضلعي بدين تعلقي گولارچي جي وسري ويل يونين ڪائونسل گھڙو جيڪا اليڪشن دوران سياستدانن کي ياد ايندي آهي، هي يونين ڪائونسل ڇهن ديهن تي مشتمل آهي، هن يوسي ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيو آهي، هي يوسي پاڻيءَ جي کوٽ دوران سوڪهڙي ۾ رهي آهي ۽ برسات دوران پاڻي جي گندي پاڻيءَ جي ور چڙهي رهي ٿي، هتي ڪو به پاڻي جو نيڪال ناهي، هن يوسي ۾ تعليم نه هئڻ جي برابر آهي، يوسي گھڙو ۾ ٽوٽل پنج پولنگ اسٽيشن آهن، جيڪي وڏي اڪثيرت سان پيپلزپارٽي کٽندي آهي. يوسي گھڙو تمام گھڻن بنيادي مسئلن ۾ ورتل آهي، هتي تعليم نه هئڻ برابر آهي، هڪ هاءِ اسڪول حاجي محمد ترڪ جيڪو پڻ کنڊر جو ڏيک ڏئي ٿو ۽ ويران آهي، باقي هڪ اسڪول ايليمينٽري اسڪول حاجي جوڻيجو جيڪو ڳوٺ وارن جي دلچسپي جي ڪري هلي ٿو، جتي تعليم لاءِ پري پري کان ٻار اچن ٿا، باقي هڪ مڊل اسڪول آهي جيڪو سهولتن کان محروم آهي، هن يوسي ۾ هڪ گرلس پرائمري اسڪول آهي، جيڪو پڻ سهولتن کان محروم آهي، باقي ڪافي پرائمري اسڪولن ۾ ڪا به سهولت ميسر ناهي. هن يوسي ۾ استادن جي تمام گھڻي کوٽ جي ڪري به تعليم متاثر آهي، تعليم جي لحاظ کان بدين ضلعي جي پوئتي پيل يوسي گھڙو آهي، جنهن کي حڪومت جي تعليمي هارڊ پاليسي ۾ به شامل نه ڪيو ويو آهي. اسان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، تعليم جي وزير سردار شاهه کان مطالبو ڪريون ته بدين ضلعي جي يونين ڪائونسل گھڙو کي تعليمي هارڊ پاليسي شامل ڪري استادن جي کوٽ پوري ڪئي وڃي.

ولي نوحاڻي/ يوسي گھڙو، گولاڙچي

ٻاهر ٻولي هنج جي، اندر ڪارو ڪانءُ!

  ميٽنگ هال ۾ مانيءَ جي وقفي وقت ڪچھري ڪري رهيا هئاسون ته، پنهنجن پنهنجن علائقن ۾  بنيادي سهولتون نه هئڻ جو اوچتو ذڪر نڪتو، ڪامريڊ ڪانڀو خان صفا جذباتي ٿي ويو. چوڻ لڳو ته اسان جر جو کارو پاڻي پيئون ٿا، صاحب وڏا منرل واٽر واپرائين ٿا. اسان اٽي ، لٽي ۽ اجهي کان محروم آهيون، پاڻ وڃي ٿڌن ڪمرن ۾ آرامي ٿين ٿا. روڊ رستا تباهه، تعليم جون سکڻيون دعوائون، اسڪولن ۾ فرنيچر آھي ته عمارت ڪونهي، عمارت آھي ته فرنيچر ڪونهي. توهان ڇو هٿ تي هٿ رکي ويٺا آھيو؟ اٿو همت ڪريو، پنهنجو حق وڙھي به وٺو. ڦلاڻي نالي سان ايڪشن گروپ ٺاهيون ٿا، ڪير ڪنهن به ڌر سان لاڳاپو رکندو هجي ان کان پاسو ڪري پاڻ حقن لاءِ جدوجهد ڪنداسين. ڪامريڊ ڳالهائي دنگ ڪيو ته هال سڄو تاڙين سان گون جي اٿيو. واهه واهه ڪامريڊ واه جا نعرا لڳي ويا، ڪامريڊ ڪپڙن ۾ نه پي ماپيو. ڪجهه ڏينهن کان پوء فيس بڪ تي ڏٺم ته ڪامريڊ جي ڳوٺ ۾ ووٽ وٺڻ لاءِ نمائندا پهتل هئا. ڪامريڊ جون ڪجهه تصويرون ڏٺم ته همراهه ووٽ وٺڻ لاءِ آيلن کي اجرڪ ۽ لونگيون اوڍائي رهيو هو ۽ تصوير جو ٻيو رخ ڏٺم ته همراهه ٻانهون ٻڌي ڀوتارن اڳيان ڪنڌ نمائي بيٺو هو. فون ڪري پڇيومانس ته ڪامريڊ ڏي خبر بنيادي سهولتن بابت ڪجهه ڳالهايئي يا نه؟ وراڻيائين نه يار، وڏن روڪيو ته تڏي تي آيل دشمن جي به عزت ڪبي آھي، هي ته وري پنهنجا آھن، ڀوتارن سان ٻاڙو نه ٻولج. ڀوتار ناراض ٿي پوندا. چيم ڪامريڊ خدمت ته وڏي پي ڪيئي، وراڻيائين يار مٺائي، نمڪي ۽ منرل واٽر جو بندوبست ته ڳوٺ جي چڱن ڪيو هو، مون مڙئي دوست کان پئسي اڌارا وٺي هڪ لونگي ۽ ڪجهه اجرڪ ورتا هئا. وراڻيم واهه ڪامريڊ واهه، مطلب تون  به صرف ڳالهيون ڪرڻ ڄاڻين ٿو باقي پرڪار تنهنجا به اسان جهڙا آھن، ڪامريڊ ڪاوڙ ۾ ڪال ڪٽي ڇڏي.

غلام علي گل/ ٻيلو، سجاول

معذورن کي  نوڪريون ڏيو!‎‎

  گذريل مهيني آءِ بي اي اداري طرفان ورتل ٽيسٽ جو ڪجهه نتيجو اهڙو نڪتو آهي جو نه صابو جي خبر پئي نه ڏني جي ته پوءِ هار ڪنهن کي پارايا ويا، مطلب ته صرف شاگردن جو رول نمبر هو نه شاگرد جو نالو نه ئي وري ضلعو ڄاڻايل هو، هلو خير پر آءِ بي اي جي ويب سائيٽ تي جيڪا رزلٽ اپلوڊ ڪئي وئي آهي هاڻي آءِ بي اي ادارو ان سوالي پيپرن ۽ ڪي کي سڃاڻن کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن اها ڪي اداري جي نه هئي ته ان ڪي تان ڏٺل رزلٽ شاگرد جي پورٽل تي اپ لوڊ ٿيل رزلٽ ساڳئي ڪئي وڃي، هاڻ ته نوجوانن جو مٿو ڦري ويو آهي، خبر ئي نٿي پوي ته ريل اڳتي ٿي هلي يا پوئتي، بهرحال سوالن ۾ ڪافي غلطيون ثبوتن سان موجود آهن پر ان جو ازالو ڪير ڪندو؟ ان کان سواءِ رزلٽ ۾ هڪ جن اچي لٿو آهي جيڪو ڪجهه شاگردن جي رزلٽ جون مارڪون وڌائي پيو، 45 سيڪڙو جو شرط ختم ڪري 40 سيڪڙو مارڪن تي پاس ڪيو وڃي، ڇو جو پاڪستان جي آئين ۾ 33 سيڪڙو تي شاگرد پاس هوندو آهي ۽ سنڌ حڪومت سنڌ جي هارڊ ايريا لاءِ به هڪ سٺو قدم کنيو آهي، هاڻ هارڊ ايريا وارا 40 مارڪن تي پاس آهن، ان کي ڏسندي معذورن به احتجاج ڪيو آهي ته هارڊ ايريا ۽ عورت ڪوٽا جيان به معذور ڪوٽا به 5 سيڪڙو آهي، انهن کي به تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي پئي، معذورن کي به 40 مارڪس تي پاس ڪري سنڌ جي معذورن سان انصاف ڪيو وڃي، جيڪو هن وقت تائين ڪنهن به معذورن لاءِ آواز ناهي اٿاريو ويو. اسان سنڌ جي تعليم جي وزير کي عرض ٿا ڪريون ته مهرباني ڪري معذورن کي 40 سيڪڙو مارڪن تي پاس ڪيو وڃي ته جيئن معذور ڪوٽا فل ٿي سگهي ۽ معذورن سان انصاف ٿئي.

سجاد جوڻيجو/ ڏوڪري، لاڙڪاڻو

آءِ بي اي ۽ سنڌ حڪومت جو آخري اعلان ڪڏھن ٿيندو؟‎‎

آءِ بي اي ۽ سنڌ حڪومت جي خلاف احتجاج ۽ ڌرڻا جاري آهن جيئن ته ھن وقت جديد ترين ڪمپيوٽر جو دور آھي ۽ سڀني اميدوارن جي مڪمل ڊيٽا محفوظ آھي، جيڪڏھن ڪنھن به آپشن کي استعمال ڪيو وڃي ته ايڪسل فارميٽ جو ڪالم اھا ترتيب ۽ تفصيل ظاھر ڪري ٿو، مثال جيڪڏھن آسامين جو تعداد 46000 آھي ۽ انھن مان 11000 پاس ٿيا آھن ته پوءِ 35000 آساميون خالي پيل آھن، ھاڻي جيڪڏھن 35000 نوان اميدوار شامل ڪرڻا آھن ته هڪ ته يوسي وائيز ٽاپ لسٽيڊ اميدوار کنيا وڃن، آسامين جي تعداد ٻيون ته  45سيڪڙو واري پاليسي کي پھريان 40 سيڪڙو پوءِ 30 سيڪڙو جا ايڪسل فارميٽ ۾ ڪالم ٺاھجن، اھڙي تبديلي سان 55 پاس وارن کي 50 تائين رکي ڏسجي ۽ پوءِ 40 تائين ھن طريقي سان به خبر پئجي ويندي ته سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ اميدوارن جو تعداد ڪيترو بيھي ٿو، جيڪڏھن انگلش ۾ 9 مارڪن مان ڦري 8 مارڪون ٿي وڃن ته  جيڪي اميدوار 60 کان مٿي مارڪون کڻن ٿا انھن تي 45 سيڪڙو وارو قائدو لاڳو نه ھجڻ گھرجي.

نويد خان سومرو/راڌڻ اسٽيشن

ڪوڙن عاملن کي پڪڙيو!

  هن جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري دور ۾ اسان جي سنڌ جا ماڻهو اڄ به پوئتي پيل آهن، هڪ سئو سال پراڻيون ريتون رسمون ۽ عقيدا برقرار رکيو پيا اچن. هن بک، بيروزگاري واري دور ۾ ڪيترين ئي ذهني بيمارين جنم ورتو آهي جن ۾ هزارين ماڻهو ذهني مرضن ۾ وڪوڙيل آهن، انهن ذهني بيمارين جون علامتون جنن واريون ھونديون آهن پر ايئن ناهي، اهي دماغي بيماريون آهن، ان ڪيفيت دوران غريب ماڻهو وري اهڙن ڪوڙن عاملن ۽ ڀوپن ڏانهن رخ ڪندا آهن جڏهن ته اهڙن ڪوڙن عاملن ۽ ڀوپن جو ڪو به دين ڌرم نه آهي، اهڙن ڪوڙن عاملن ۽ ڀوپن جو ڳاڻيٽو شادي لارج، کوسڪي، ونگو پتڻ ۽ ٽنڊوباگو، نندو شهر جي ٻهراڙي جي ۾ عام جام آهي، جيڪي اٻوجھ ماڻهن کي ڌاڳا تعويذ ۽ ڦيڻا ڪري پنهنجي پيٽ پوڄا ڪن ٿا، اهڙي غلط علاج سبب سنڌ ۾ هر سال سوين ماڻهو بيدردي سان دم ڏين ٿا. هاڻي ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته ان حد جي پوليس اهڙن ماڻهن تي نظر رکي ته خبر پئجي ويندي ته حقيقت صحيح آهي يا غلط.

صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎‎

ملڪ ۾ مهانگائي، وفاقي حڪومت غريبن لاءِ سوچي!

                 دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مهانگائي ٿيندي رهي آهي پر انهن وٽ مهانگائي کي منھن ڏيڻ لاءِ وسيلا به هجن ٿا، هتي ملڪ جو وزيراعظم پاڻ اعتراف به ڪري رهيو آهي ته مهانگائي سبب پريشان آهيون پر پوءِ به سندن روايتي طور هر مهيني ملڪ ۾ بجلي، گئس، تيل سميت کاڌي پيتي، دوائن جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ سمجھ کان ٻاهر ٿي ويو آهي ته آخر هن ملڪ جا حڪمران پنهنجون دشمنيون غريب عوام مان ڇو پيا ڪڍن، جيئن تحريڪ انصاف جي حڪومت قائم ٿي آهي تاريخي مهانگائي برپا ٿي چڪي آهي. پهرين تيل توڙي گئس، بجلي ۽ کاڌي جون شيون مهانگايون ٿيڻ سالياني بجيٽ سان سلهاڙيل هونديون هيون، تيل جون قيمتون به گهٽ وڌ ٿينديون هيون پر ايڏو ظلم ڪڏھن به نه ڏٺو ويو آهي، غريب عوام هن وقت سوچي ٿو ته هن ملڪ جو ڇا ٿيندو؟ هڪ ته غربت ٻيو مهانگائي ۽ روزگار جا وسيلا به نه هجن ۽ ان ملڪ جي عوام مٿان هر مهيني مهانگائي جا بم ڪيرائي کين ختم ڪرڻ حڪمرانن جي چالبازين کي ڪيئن منهن ڏجي؟ ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو اصل سبب تيل جون هر مهيني وڌندڙ قيمتون ئي آهن، پيٽرول جي قيمت کي هر مهيني واڌئڻ موجوده حڪومت جو معمول بڻجي ويو آهي، مهانگائي جو اثر سڀ کان وڌيڪ غريب عوام تي پئجي ويو آهي روز روز شين جا وڌندڙ اگھ آخر هي ڪهڙو فارمولو حڪمرانن هٿ ڪيو آهي؟ مهرباني ڪري غريب عوام سان اهڙا ظلم بند ڪريو، جن جو نتيجو اڳتي هلي ملڪ لاءِ نقصانڪار ثابت نه ٿئي. موجوده حڪمرانن کي گذارش ٿي ڪجي ته جيڪڏھن اوهان جي ڪارڪردگي خراب آهي ته ان جا خراب اثر عوام مٿان اڇلائڻ کان بهتر آهي ته عزت سان ڪرسيءَ تان هٿ کڻي وڃو، باقي غريبن سان هي ظلم فوري طور بند ڪيو.

محمد اسماعيل لانگاهه/ڊرگهه بالا، ڪاڇو

مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏندڙ عوام!‎‎

  تحريڪ انصاف جي حڪومت ٽن سالن جي مدت پوري ڪري ھاڻي خيرن سان ڇوٿين سال ۾ ھلي رھي آھي، گذريل ٽن سالن ۾ سندس جيڪا ڪارڪردگي ڏيکاري آھي ان جو مثال پاڪستان جي تاريخ ۾ نٿو ملي. ھرروز عام واھپي جون شيون آسمان سان ڳالھيون ڪري رھيون آھن. غريب عوام اجتماعي آپگھات ڪرڻ تي مجبور آھي، ايتري قدر جو ماڻھو پنھنجي جسم جا عضوا کپائڻ تي مجبور آھن، پر وٺڻ وارو ڪير به نه آھي. تازو آءِ ايم ايف سان آمريڪا ۾ اسان جو خزاني وارو وزير ھڪ ارب ڊالر قرض وٺڻ لاءِ معاهدو ڪرڻ وارو آھي، جنھن جي شرط ۾ بجلي ۽ پيٽرول اڃا به مهانگا ڪيا ويندا ۽ زراعت سميت عام واھپي وارين شين ۾ ڏنل سبسڊي ختم ڪئي ويندي، جنھن جي نتيجي ۾ قھر جي مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو. حڪومت عوام مٿان بجلي سميت پيٽرول جو بم به ڪرائي ڇڏي آھي. غريب عوام جيڪو ھڪ ويھلو ماني کائڻ کان قاصر آھي پيٽرول جي قيمت ۾ ٿيل واڌ جي نتيجي ۾ ھر شيءِ غريب جي پھچ کان پري ٿي ويندي ۽ چورين، ڦرن ۽ ڌاڙن ۾ اضافو ٿيندو ويندو، جيڪو سنڌ جي مختلف شھرن ۾ اھڙا واقعا ھر روز وڌندا پيا وڃن. حڪومت عوام کي ٽن سالن کان دلاسا ڏيندي پئي اچي ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو پر جيڪا زميني حقيقت آھي اھا انھن جي دعوائن جي بلڪل ابتڙ آھي، مهانگائي جي آيل سونامي جي ڪري فقيرن کان وٺي ھر ھڪ ماڻھو اھو سوال ڪري رھيو آھي ته عمران حڪومت مان اسان جي جان ڪڏھن ڇٽندي؟ جيئن سک جو ساھ کڻي سگھون. قھر جي مهانگائي سڀني کان رڙيون ڪڍي ڇڏيون آھن، ڪاروبار ڪندڙن سميت ھر طبقو ھن حڪومت مان ناخوش نظر اچي رهيو آھي ۽ سڀني جون نظرون موجودہ حالتن تي آھن ته ڪڏھن ھن حڪومت مان جان ڇڏائي ٿي وڃي.

فرخ حسين/مير شاھو خان جمالي

عوام کي سستي اگھھ تي ڪڻڪ ڏني وڃي!

  گذريل ڪيترن ئي ورھين کان سڄي سنڌ ۾ اٽو مھانگو ملڻ لڳو آهي، چڪي مالڪن جون من مستيون جاري آهن، پوري سنڌ سميت تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ گھنڊيا سميت ٻھراڙين جي مخلتف ڳوٺن ۾ چڪي مالڪن طرفان اٽو مھانگو ملڻ لڳو آهي، 500 رپيا ڏيھاڙي ڪمائندڙ غريب مزدور ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ پريشان آهي، ٻه ڏينھن اڳ سنڌ حڪومت طرفان اعلان ڪيو ويو آھي ته اٽي جو ڪلو 48 رپيا 75 پئيسا وڪرو ڪيو وڃي، جنھن پڻ سنڌ سرڪار نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آھي، چڪي مالڪن سنڌ سرڪار جي اعلان کي ٿڏي ڇڏيو آهي، ھن وقت اٽي جو في ڪلو 60 کان 70 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رھيو آھي، جڏھن ته سڪرنڊ جي ٻھراڙين جي گھنڊيا سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اٽو چڪي مالڪن ھٽي قائم ڪري اٽي جو في ڪلو 48 رپيا 75 پئيسا ڏيڻ بدران 60 کان 70 رپيا ڪلو ڏئي رھيا آھن. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڊيپو ڪيپر رکيا وڃن ته جيئن ماڻهو کي ڪارڊ سستي اگهه تي ڪڻڪ ملي سگهي، اسين اي سي سڪرنڊ ۽ ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته نوٽيس وٺي چڪي مالڪن کي سنڌ سرڪار جي ڪيل اعلان موجب عمل ڪرايو وڃي.

منظورعلي زرداري/سڪرنڊ

آخر ڪيستائين عوام سور پٽيندو؟‎‎

  گنڀي دڙي کان صاڀي تائين روڊ انتهائي خراب آهي، جتان ڪنهن ايمرجنسي جي صورت ۾ سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئي ٿو، پر اڄ ڏينهن تائين ان جو حل ناهي نڪري سگهيو. اعليٰ انتظاميه کي بار بار شڪايت ڪرڻ کان پوءِ به ڪو عمل ناهي ٿي سگهيو. گنڀي جي دڙي جي هڪڙي پاڙي جو 15 فوٽ روڊ جي درخواست ڏھ ڀيرا ڏني آهي پر انهي تي ڪو به عمل ڪونه ٿيو آهي، ان پاڙي جا رهواسي واريءَ سان ڀريل رستي تي هلي هلي بيزار ٿي ويا آهن پر انهن کي روڊ نه ملي سگهيو آهي، آخر ڪڏهن اهو سخت پريشانيون ڏيندڙ روڊ ٺهندا؟ اتي رهندڙ ماڻهو ڪيستائين بيزاري جي زندگي مان آزادي ماڻيندا؟ آخر هنن جي دانهن رسي ڪير ۽ ڪڏهن ڪندو؟ آخر ڪڏهن هي ٻه اهم روڊ ٺهرائي ڏنا ويندا؟ هن خدا جي خلق جي ڏکن ڏولاون تي رحم کائي اعليٰ اختياريون عوام جي اهنجن جو علاج ڪنديون، عوام آخر ڪيستائين لوڙيندور ۽ سور پٽيندو رهندو.

امير علي منگريو/گنڀي جو دڙو