اشو آف دي ڊي ڪير پڇي ته ٻڌائجو خان آيو هو…. سڪون قبر ۾ ملندو تيل مهانگو ٿي ويو آهي، ٻاهر نڪرو: سوشل ميڊيا تي حڪومت مٿان ڪاوڙ ظاهر

0
234

پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي عوام پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، پيٽرول پرائس، ڊوب مرو عمران خان، آر ايس 10.49، آر ايس 12.44، فيول پرائس، غريب پر ظلم بند ڪرو ۽ ٻيا ٽرينڊ شروع ٿي ويا. حڪومت مٿان تنقيد ڪئي وئي ته اتي طنزيه ۽ دلچسپ پوسٽون به شيئر ڪيون ويون. ان سلسلي ۾ سعيد غني پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پيٽرول 10.49 پئسا مهانگو ٿي 137.79 رپيا ٿي ويو، پاڪستان جي تاريخ ۾ مهانگي ترين پيٽروليم مصنوعات، ڪير پڇي ته ٻڌائجو خان آيو هو جنهن جو قول آهي ته سڪون ته قبر ۾ ملندو. ذاڪر خان پي ٽي آءِ جي سپورٽرن تي طنز ڪندي هڪ جي ڊائري مان ورتل جملا لکيا ته اڄ صبح پيٽرول وجهرايو ته پمپ واري چيو ته سائين سئو رپيو ٻيو به ڏيو، مون کيس چيو ته ڇا پيٽرول وري مهانگو ٿي ويو؟ جنهن تي چيائين ته هاڻي 137.80 لٽر ٿي ويو آهي، مون کائنس پڇيو ته ڇا ڪيليفورنيا جي مقابلي ۾ اڃا به سستو آهي؟ جنهن تي هن ٻڌايو ته ها سر، مون کيس چيو ته پوءِ ڪو به فڪر ناهي. فهيم الله لکيو ته خان صاحب جي ڪري گهران نڪرڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن ٿي رهيو آهي، محمد ارسلان لکيو ته ٽن سالن کان وزيراعظم قوم کي رليف ڏئي رهيو آهي،ملڪ مظهر لکيو ته نئين پاڪستان ۾ پيٽرول 137 رپيا ٿي ويو پاڪستانين کي تبديلي جون مبارڪون هجن، وصي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسان جي ٽائيگر ڀائرن جي پروفائيل تي اها تصوير ضرور ڏسو جنهن ۾ چوندا هئا ته پيٽرول جي قيمت حڪومت وڌائي رهي آهي ۽ هاڻي چون ٿا ته عالمي منڊي ۾ وڌي رهي آهي. منير مگسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته گو عمران گو، مهانگائي جا ذميوار حڪمران چور آهن. برڪت جهنڊير لکيو ته پيٽرول مهانگو ٿيڻ سبب وزيراعظم پاڻ به متاثر، هاڻ ڪينيڊا جي وزيراعظم جيان سائيڪل تي پارليامينٽ اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، مسرور کهڙو لکيو ته تبديلي سرڪار عوام کي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي، عوام کي روڊن تي اچڻ گهرجي، جنهن تي صديق گهانگهرو لکيو ته اچ ته سائيڪل وٺڻ هلون، عرفان عالماڻي لکيو ته مان ته ان ڏينهن جي انتظار ۾ هيس ته ڪپتان ڪڏهن ٿو پيٽرول چاڙهي ته سائيڪل وٺان ان بهاني وزن گهٽ ٿئي، ماجد سمون پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هر شهر ۾ سماجي تنظيمن کي گهر گهر در کڙڪائي ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ گهرجي باقي اپوزيشن ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، حسين منصور لکيو ته مبارڪون، پيٽرول 11 رپيا ۽ ڊيزل 13 رپيا مهانگو ٿي ويو ملڪ ۾ ايماندارن جي حڪومت آهي، امتياز عزيز عباسي لکيو ته پيارو پاڪستان ترقي ڪري پيو، پيٽرول ۾ ڏهه رپيا وڌي 137 رپيا ٿي ويو،گهنشام ميگهواڙ لکيو ته نيازي پيٽرول جي قيمت صرف هڪ ڊالر هڪ لٽر ڪرڻ چاهي ٿو، يوٿيو ساٿ ڏيو، داد ڏيو، حفيظ سنڌي لکيو ته تبديلي سرڪار واري وزيراعظم کي هاڻ وڃي ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين ڪيو هن کان ته پ پ يا نواز شريف واري سرڪار جا حڪمران ڀلا هئا جيڪي ڪرپشن ڪري به عوام جا اهنج نه وڌائيندا هئا. مرتضيٰ ڪيريو لکيو ته 150 جو پيٽرول موٽر سائيڪل ۾ ڀرائي خوار ٿيڻ کان بهتر آهي ته 50 جو کير پي سائيڪل ڊوڙايون صحت به صحيح رهندي. آدم جانيار لکيو ته ڪنهن وٽ سائيڪل هجي ته ڏئي موٽر سائيڪل ڪاهي وڃي پيٽرول مهانگو ٿي ويو آهي. آصف جج لکيو ته چور حڪمران مهيني ۾ اوگرا جي سمري تي غور ڪري ڪڏهن سمري واپس ڪندا هئا يا ڪڏهن ريٽ وڌائيندا هئا پر هي صادق امين حڪمران 15 ڏينهن ۾ تيل مهانگو ڪري ٿو، اهڙي تبديلي آهي.عطاءُالله راڄپر لکيو ته سي اين جي بند، پيٽرول 140رپيا لٽر، هاڻي 1980ع جي دور وارا گهوڙا يا ڏاند وٺون. شازيه مري ٽوئيٽ ڪيو ته هن ظالمن هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول جون قيمتون وڌائي ڇڏيون، سليڪٽڊ حڪومت عوام تي ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي، هي پنهنجي حرڪتن سان روز ثابت ڪن ٿا ته هي سليڪٽڊ آهن. فاروق سومرو لکيو ته مهانگائي خلاف جيڪا پارٽي ۽ ليڊر روڊن تي نه ايندو عوام ان خلاف روڊن تي هوندو، سوچي وٺو، شمع جوڻيجو لکيو ته ڪپتان چيو هو مان توهان (عوام) کي روئاريندس. نذير لغاري لکيو ته وزير ۽ ترجمان چون ٿا ته اسان وٽ پيٽرول جون قيمتون دنيا کان گهٽ آهن پيٽرول جون قيمتون دنيا ۾ بلند ترين سطح تي پهچي ويون آهن حقيقت اها آهي ته عالمي منڊي ۾ پيٽرول 84 ڊالر في بيرل آهي جڏهن ته زرداري جي دور ۾ 110 ڊالر في بيرل هو ۽ زرداري جي دور ۾ پيٽرول 100 رپين کان گهٽ هو.مرتضيٰ سولنگي فيصل واوڊا جو بيان شيئر ڪندي لکيو ته هي هيرا چونڊي چونڊي آندا ويا آهن، واوڊا چوي ٿو ته قوم 200 رپيا في ليٽر به برداشت ڪري ويندي. غريده فاروقي لکيو ته 2008ع ۾ پيٽرول جي قيمت 85 رپيا هئي، 2013ع پ پ 102 رپيا ليٽر پيٽرول قيمت ڇڏي وئي، پ پ دور ۾ پيٽرول جي سڀ کان وڌيڪ قيمت 108 رپيا هئا، 2018ع ۾ نواز ليگ پيٽرول 92 رپيا لٽر قيمت ڇڏي وئي، چور ڊاڪو حڪومتون مصنوعي طور تي عوام کي رليف ڏينديون رهيون، هاڻي آيو پيٽرول اصل قيمت تي، ڊٽ ڪي کڙا هي ڪپتان، حامد مير لکيو ته بوٽ پالش به مهانگي ٿي وئي آهي، پيٽرول ساڍا 10 رپيا ڊيزل ساڍا 12 رپيا ليٽر مهانگو ڪيو ويو، بجلي به مهانگي ڪئي وئي يوٽيلٽي اسٽورز تي شيون به مهانگيون ڪيون ويون. بلاول ڀٽو زرداري لکيو ته پيٽروليم قيمتون پي ٽي آءِ بلند سطح تي پهچائي ملڪ ۾ مهانگائي جي سونامي آندي آهي، شفا يوسفزئي لکيو ته گاڏي ۾ پيٽرول وجهرائي گاڏي گهر بيهاري ڇڏي. نويد پنهور لکيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جو اگهه 89 رپيا في لٽر آهي، هڪ لٽر تي پاڪستاني عوام 45 رپيا مٿي ڀري ٿو.