ميرپورخاص (ڪورٽ رپورٽ) پوڻا ٻه ارب روپين جي منشيات ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي ايس ايڇ او ڪنور سنگھ جي گرفتاري کان پوء واري ضمانت جي درخواست عدالت رد ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ 8 مھينا اڳ اينٽي نارڪوٽيڪس فورس ميرپورخاص ۾ ڪنور سنگھ جي گھر تي ڇاپو ھڻي پوڻا ٻه ارب روپين جي منشيات ھٿ ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، بعد ۾ سندس ڀاء ڀيرجي سنگھ کي به ڪيس ۾ نامزد ڪيو ھو، جنھن بعد الزام ھيٺ آيل ڪنور سنگھ جيڪو مسلسل روپوش رھيو، جنھن ھاء ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت حاصل ڪرڻ بعد ٻيھر ميرپورخاص سيشن ڪورٽ ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي ھئي، جيڪا عدالت رد ڪري کيس جيل ماڻي ڇڏيو ھو، جنھن بعد ڪنور سنگھ وڪيل معرفت ٻيھر گرفتاري کان پوء واري ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي، جنھن جي ٻڌڻي ڪالھ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٿي، جتي اي اين ايف جو وڪيل ۽ عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا، جتي دليلن بعد معزز عدالت ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي.