گڊو (ن پ ا) پنجاب جي علائقي بنگلا اچھا چڪ دنواڻي ۾ عمراڻي، سکھاڻي ۽ لنڊ برادري ۾ پراڻو تڪرار ھلندڙ ھو، سکھاڻي ۽ لنڊ گينگ جي ھٿيار بندن اوطاق تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي 65 ورھين جو حاجي جان محمد عمراڻي مارجي ويو. اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ ماٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو ٻئي پاسي لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.