اوٻاوڙو ( ن پ ا ) پنجاب جي علائقي ٿاڻو اڇو بنگلو جي حد ڳوٺ سڌو خان چنگلي ۾ هٿياربندن ملڪ برادي جي گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني ٻه سڳا ڀائر مجاهد ملڪ، امام دين ملڪ سميت هڪ عورت مارجي وئي، جڏهن ته ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، هوڏانهن پوليس لاش ۽ زخمين کي شيخ زيد اسپتال رحيم يار خان منتقل ڪيو. ٻئي پاسي اڇو بنگلو ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ هو ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهو آهي ته هٿياربندن ڇو حملو ڪيو علائقي ۾ ناڪابندي ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ وڌيڪ واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.