کڏڙو (ن پ ا) کڏڙو شھر جي وارڊ 2 ۾ رھندڙ پورھيت رائيچند ميگھواڙ جي 30 سالن جي گهر واري ماريا ميگھواڙ گھرو پريشانين کان تنگ ٿي گھر اندر پکي ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. وارثن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو کڏڙو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سنجھورو اسپتال کڻائي وئي.