ڪولاب جيئل (ن پ ا) ڪولاب جيئل پوليس چونڪي جي حد ۾ ڪولاب جيئل واسي اعظم پٽ غلام قاسم خاصخيلي درزڪو ڪم ڪندڙ گئس جو سيلينڊر ڀرائڻ لاءِ خيرپور ويو ھو، جيڪو موٽر سائيڪل تي واپس اچي رھيو ھو ۽ سندس ٻه ڄڻا سھراب چانڊيو ۽ علي رضا چانڊيو گڏ ھئا ته ڪولاب جيئل ڀرسان ڳوٺ شڪرالدين وٽ لنڪ روڊ تي ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي روڪي ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت تي ھٿيار بندن گوليون ھڻي فرار ٿي ويا، جنھن کي حد جي پوليس پاران سول اسپتال خيرپور نيو پئي ويو جتي ھو زخمن جا تاب نه سھندي فوت ٿي ويو ، جنھن جو لاش پوسٽ مارٽم کان پوء وارثن حوالي ڪيو ويو ، جڏھن ته لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ، ٻئي پاسي ڪولاب جيئل ۽ ٽنڊو مستي خان پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪري رھيا آھيون ۽ جلد واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.