پشاور ۾ قصه خواني بازار جِي مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 57 ڄڻا شهيد ۽ 194 زخمي

0
349

پشاور ۾ قصه خواني بازار جِي مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 57 ڄڻا شهيد ۽ 194 زخمي ٿي پيا، واقعي بعد ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي.

پوليس موجب، قصه خواني بازار جِي مسجد ۾ جمعي نماز دوران آپگهاتي بمبار داخل ٿي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، آپگهاتي بمبار مسجد ۾ داخل ٿيڻ کان پهرين پوليس اهلڪارن ۽ نمازين تي فائرنگ ڪئي. واقعي جي شهيدن ۽ زخمين کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو

 انتظاميا موجب، ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ 56 ۽ حيات آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس اسپتال ۾ هڪ لاش موجود آهي جڏهن ته ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ 194 ۽ حيات آباد ميڊِيڪل ڪممپليڪس ۾ 2 زخمين جو علاج جاري آهي.

اکين ڏٺن شاهدن موجب، ڪارا ڪپڙا پهريل آپگهاتي بمبار سڪيورٽي اهلڪارن تي6،5 فائر ڪيا ۽ پوءِ تيزي سان مسجد اندر داخل ٿي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ڌماڪي بعد مسجد ۾ هر پاسي انساني عضوا پکڙيل نظر آيا.

ڌماڪي جا سي سي ٽي وي فٽيجز به سامهون اچي ويا، فٽيجز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ دهشتگرد پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪرڻ بعد ڊوڙندو مسجد اندر داخل ٿئي ٿو، جنهن بعد آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏي ٿو.

وزيراعظم عمران خان ڌماڪي جي مذمت ڪندي آءِ جي ڪي پي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

 وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو  ته ڌماڪو پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي سازش آهي، پشاور  ڌماڪي بابت ڪي به ٿريٽ الرٽس جا نه  ٿيا هئا، پرڏيهي قوتون ملڪ جو امن تباهه ڪرڻ گهرن ٿيون

ٻئي پاسي شيعا علماء ڪائونسل پاران 3 ڏينهن ملهائڻ ۽ آچر تي سڄي ملڪ ۾ مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پشاور ڌماڪي خلاف شيعا تنظيمن پاران سنڌ جَي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا